فيض گنج (ن پ ا) اسان کان اسان جي ڪهاڻي کسين ٿو، ٻڌو آ ته تون اسان کان پاڻي کسين ٿو، پڪاچانگ ۾ معصوم شاگرد پنهنجي سنت طهر جي موقعي تي موڙ ٻڌي شعر چئي سنڌو کي ڀيٽا پيش ڪئي، سول سوسائٽي اڳواڻ عبدالباقي شر جي 5 ڪلاس جي شاگرد تصور باقي سنت  طهر جي موقعي تي شعر چئي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، معصوم شاگرد هٿن تي مهندي لڳائي موڙ ٻڌي چيو ته اسان کان اسان جي ڪهاڻي کسين ٿو، ٻڌو آهي ته اسان کان اسان جو پاڻي کسين ٿو، ان موقعي تي سنت طهر ۾ آيل مهمانن سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف نعرا پڻ هنيا.