اڪري چودڳي (ن پ ا )سنڌ ڌرتي ۽ سنڌودرياءَ سان عشق سنڌ واسين جو جنون بڻجي ويو،ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پڪاچانگ واسي شاگرد سخت گرمي ۽نٽهڻ اس ۾ 100 ڪلوميٽر سفرمهراڻ هاءِ وي ذريعي پيرين پنڌنڪري پيا،پڪاچانگ واسي شاگرد ڪامريڊ ڪاشف شر، ياسرشر،محسن ڪلوسنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ ٻٻرلو لڳل تاريخي ڌرڻي شرڪت لاءِ پيادل مارچ لاءِ نڪري پيا آهن، ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ساھ کان وڌيڪ۽ سنڌ امڙ آهي ماءَ تي ڏکيو وقت اچي ته حلالي پٽ سڪون ڪيئن ڪندا،100 ڪلوميٽر پنڌ مشڪل ضرور آهي پرسنڌ لاءِ جان به حاضر آهي ٻٻرلو ڌرڻي وڃڻ لاءِ پيرين پنڌ نڪرڻ جو مقصد سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي جيسيتائين ڪئنال رد نه ٿيندا تيسيتائين ڌرڻا احتجاج جاري رهندا تڪليفون ۽مشڪلاتون محبت جو حسن آهن.