فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ ۾ سکر پوليس جي چڙھائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، شهرين تي پوليس جي فائرنگ، عورتن کي وارن کان وٺي گهليو ويو، خبر موجب پڪاچانگ جي شر ڪالوني ۾ سکر پوليس ضمير جاگيراڻي جي گھر تي چڙھائي ڪري گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪندي عورتن کي وارن مان گهليو، عورتن جي دانهن تي شهري گڏ ٿي ويا، جنهن دوران پوليس هوائي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته شهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو، چڪرين دوران شهرين ھڪ پوليس اھلڪار کي پڪڙي مارڪٽ ڪئي، ايس ايچ او عبيد ناريجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضمير جاگيراڻي نالي شخص تي سکر ۾ چوري جي ايف آءِ آر داخل ٿيل آھي، جنهن ڪري پوليس ڪارروائي ڪئي، شهرين پوليس تي تشدد ڪري گرفتار ٿيل جوابدار کي ڇڏائي ورتو آهي، متاثر ضمير جاگيراڻي موجب سکر واسڻ عورت سھڻي خروس منھنجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ لاءِ پوليس ساڻ ڪري آئي، منھنجي نياڻي سھڻي خروس جي فحاشي جي اڏي تان ڀڄي آئي هئي، جنھن تي ڪوڙو چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پوليس اسان جي عرتن تي تشدد ڪندي وارن مان وٺي گهٽين ۾ گهليندي رهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.