فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) پڪا چانگ شهر ۾ شاگرد سان مبينا بدفعلي واري معاملي جو مک جوابدار گرفتار،  شاگرد جون سوشل ميڊيا تي تصويرون وائرل ڪندڙ هڪ ٻئي گرفتار جوابدار عبدالرزاق  بروهيءَ سان به بدفعليءَ جو انڪشاف ٿيو آهي. پڪا چانگ شهر ۾ شاگرد ذيشان راجپوت سان مبينا بدفعلي ۽ اعتراض جوڳيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري معاملي جي مک جوابدار الفت چانگ کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار کي بااثر شخص معرفت پوليس وٽ پيش ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس پڻ مک جوابدار جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن  شاگرد ذيشان راجپوت جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ  گرفتار جوابدار عبدالرزاق  بروهي سان به بدفعليءَ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڄاڻايل تصويرون وائرل ڪندڙ عبدالرزاق  جي ڀاءُ اختر بروهي پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته  شاگرد ذيشان راجپوت جون الفت چانگ سان گڏ اعتراض جوڳيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ تان منهنجي ڀاءُ کي به زيادتي جو شڪار بڻايو ويو، وري پوليس گرفتار به  منهنجي ڀاءُ کي ڪيو آهي. وائرل ٿيل ويڊيو ۾هن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته پڪاچانگ ۾ معصوم ٻارن بدفعليءَ جو نشانو بڻائي، سندن ويڊيوز ٺاهي وڪرو ڪندڙ جي گينگ پڪا چانگ ۾ ڪافي عرصي کان سرگرم آهي. منهنجي ڀاءُ پوليس کي سمورن ماڻهن جا نالا به ٻڌايا آهن پر پوليس ڏوڪڙ وٺي کين گرفتار نٿي ڪري.  هن  مطالبو ڪيو ته سموري معاملي جي جاچ ڪري سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.