فيض گنج (ن پ ا) پڪاچانگ لڳ مهراڻ هاءِ وي تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ ڪار ڊرائيور ٻٻرلوءِ واسي اصغر ميراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا ضمير ڪلهوڙو، ڪنڊيارو واسي اسلام الدين آرائين، دريا خان مري واسي بنگل جمالي ۽ ٻانڌي واسي عبدالخالق زخمي ٿي پيا، علائقي واسين ڊرائيور جو لاش گاڏي مان ڪڍي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪار ۽ ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.