پکو (ن پ ا) پکو ۾ ست ٻارڙن جو پيءُ پورھيت ذوالفقار علي عرف ڀٽو مڱڻھار فالج جي عارضي ۾ مبتلا بڻيل آهي، غربت سندس علاج ۾ رڪاوٽ بڻجي وئي آهي،  شھر جي ڀٽائي ڪالوني جو رهواسي پورھيت ذوالفقار علي عرف ڀٽو مڱڻھار گذريل چار مهينن کان فالج جي عارضي ۾ مبتلا ٿيل آھي، پورهيت جو چوڻ هو ته بيماري وگهي هڪ هنڌ پيل آهيان، وس آهر علاج ڪرايو آهي پر  ڪو به فرق نه پيو،علاج واسطي گھرجو سمورو سامان وڪڻي ڇڏيو پر پوءِ به صحيتياب نه ٿي سگهيو آهيان، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.