پکي پروڪا ۽ اڪير تن جي

0
42

هن وقت سانوڻي موسم  اچي سهڙي آھي ليڪن پاڻي جا پکي اڃان نه موٽيا آھن آڳاٽن سانوڻين ۾ جيئن ئي برسات جو وسڪارو شروع ٿيندو هو ته پاڻي جا پکي اچي ڍنڍن ڍورن ۾  پنهنجو ديرو  ڄمائيندا هئا، انهن جي لهڻ سان ئي  شڪاري بندوق کي تيل مکي بارود گهرائي انهن پکين جي پويان لڳي پوندا هئا، گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي پکين سنڌ جي سرزمين تي لهڻ ڇڏي ڏنو آھي.
موسم جو حسن تڏھن هوندو آھي جڏھن ان ۾   گل ٽڙندا هجن، پکي ٻوليندا ۽ اڏامندا هجن ۽ هوائن جا رخ بدلبا هجن ، جانورن جا جهنگن ۽ چراگاهن ۾ سنگم هجن ، دريائن ۾ موج هجي ، پتڻن تي پور هجن ، انساني جذبن ۾ به نئين اٿل پٿل هجي ۽ چانڊوڪين ۾ گيت سرجندا هجن.
جيتوڻيڪ گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي جي شديد کوٽ، ڏيهي توڙي پرڏيهي شڪارين  جي پکين تي بي رحماڻي مار  موسمن کان پکين جي سونهن کسي ورتي آھي، اها سونهن نه فقط موسمن جي سونهن هجي ٿي، پر اها سونهن ڌرتي جي ۽ انسان جي اندر توڙي ٻاهر جي سونهن به هجي ٿي ، اها سونهن ان ڌرتي جي تاريخ ۽ ثقافت جي سونهن به هجي ٿي ، جنهن لئي هاڻوڪي صدي سڪندي رهي ٿي.
حسن اتفاق سان گذريل هفتي درياءَ تي وڃڻ ٿيو ، درياءَ جي ڪنڌي کان بيھي لهندڙ سج  کي درياءَ جي سير ۾ بيٺل ڪهري جي پاڻي  ۾ لهندڙ سج کي  غوطا کائيندي ڏٺم  ته ايئن لڳو گويا ،سج دريائي پاڻي ۾  اشنان ڪري رهيو آھي جيئن هندو  پوڄاري ڪنب ميلي دوران  گنگا ندي ۾  وهنجندا آھن.
دريائي ڪينائي پکي فضا ۾ ٽڪ ٻڌي  ڪنهن ڪنهن ويل  مڇي پڪڙڻ لاءِ  اوچتو پاڻي ۾ ٽٻي ٿي هئي ،  ته ايئن ٿي محسوس ٿيو ته  ڪينائي ٻڏندڙ سج کي بچائڻ لاءِ  جتن ڪندو هجي ، پرين ڪنڌي کان تترن جي تنوار  ساري ڪچي جي زوردار چيخ بڻجي ڄڻ وقت کي ميار ڏيئي رهي هئي .
پهريون دفعو مون کي  پکين جي لاتين ۾  ڪنهن تهجد گذار  جي دعا جي اثر جهڙي گهرائي ۽ ڇڪ محسوس ٿي هئي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪڏھن ڪڏھن پکين جون لاتيون ، روح ۾ جنبش  پيدا ڪري وجهن ٿيون ، جنهن ڪري انهن  سواءِ  روح ڪٿي ريجهي ئي نه ٿو.
ٻوڪيل انب جي ٽاري تي ويٺل اداس ڪوئل جڏھن  ڪچڙي منجهند ويلي لات لنوندي آھي ، ته  ميندي جو ٻور  ڦلارجڻ شروع ٿيندو آھي ، ڪوئل پکي احساسن جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو ، ۽ جڏھن  پن ڇڻ جي اداس شام ويلي ڪانگ ڪنهن ڪوٺي تي ويهي لاتيون لنوندو آھي ،ته چانور ڇڻيندڙ وينگس  پوتي ڏندن وچ ۾ ڏيئي  ساڻس مخاطب ٿيندي ايئن چوندي آھي.
 اڏر  ڙي اڏر  نرڄا  ڪانگ اجهو ٿا پرين اچن
انساني زندگي جي ڊگهي تاريخ ۾ ڪانگ ۽ ڪبوتر کي قاصد پکي طور سمجهيو وڃي ٿو ، آڳاٽي وقت ۾  تصوراتي نياپن جي ڏي وٺ  جا ذريعا ڪانگ ۽ ڪبوتر پکي هئا. 
مون ڪبوترن کي ويجهي کان  ميرن جي حيدرآباد وارن مقبرن ۾ ڏٺوهو ، جڏھن ڪيئي سال اڳ آئون انهن مقبرن کي ڏسڻ ويو هوس ، ميرن جي مقبرن ۾  ٻوليندڙڪبوترن کي ڏسي ، مون کي ايئن لڳو هو گويا شھيد ميرن جا روح  شھر خموشان ۾ ڀٽڪندا هجن ،
تاڙو پکي وري سانوڻ رت ۾  ڪڪرن جي سانباهن ويل لاتيون لنوڻ لڳندو آھي، ان جون لاتيون ٻڌي  اڃايل انسانن ۽ جانورن کي برسات وسڻ جي اميد جاڳي پوندي آھي.
جيتوڻيڪ ڪجھه ڏينهن اڳ تاڙو تنواري گم ٿي ويو آھي، اهو پکي تيستائين پيو تنواريندو آھي جيستائين سانوڻ جوءَ ۾ نه ٿو سهڙي.
 ڪڪڙ ، بدڪ ، ۽ ڪاز گهريلو پکي آھن ليڪن ڪاز ۽ بدڪ اڪثر  ڪري گهرن ويجهو پاڻي جي تلائن ۾ پيا تڙڳندا آھن، باک ڦٽي ويل وڻن ۾ ھڪ ننڍڙو ڪاري رنگ جو پکي جنهن کي ڪار ڪڻڇي چئجي ٿو ، اهو پکي جڏھن گهاٽن وڻن ۾  ٻوليندو هو ته سڪل وڻن ۾  به ڄڻ ساهه  پئجي ويندو هو ۽ شبنم  جڏھن ٽارين مان  وسڻ لڳندي هئي ته هي پکي زوردار  دانهون ڪرڻ لڳندو هو ، هن جي سريلين صدائن ۾  ڪائنات به ڄڻ جاڳي پوندي هئي ، ڦدي پکي  وري ڪڻڇي جي سريلي  لاتين  لنوڻ تي  وڻن جي هڪ ٽاري کان  ٻي ٽاري تائين  ٽپ ڏيئي ڄڻ  واه واه جو اظهار ڪندي نظر  ايندي هئي ، چڪور چيٽ جي چانڊاڻ ۾  دانهون ڪندي ٻڌبا هئا ، هي نادان پکي  چنڊ جي چاهت تي پاڳل بڻجي پيو  چانڊوڪي ۾ سفر ڪندو آھي .
چٻري پکي کي شور واريون اکيون ٿينديون آھن  جيڪو صحرائن ۾  پيو رهندو آھي ، رات ٽاڻي شڪار خاطر نڪرندو آھي ، ۽ وڻن تي ڪنهن ڪنهن ويل ايئن دانهون ڪندو آھي ، ڄڻ  ميلي ۾  مائٽن کان وڃايل ٻار دانهون ڪندو هجي هي پکي جڏھن اڌرات ٽاڻي  دانهون ڪندو آھي ته ايئن محسوس ٿيندو آھي ته  ان علائقي جي ويراني تي  افسوس ڪري رهيو آھي.
وهيو پکي وري جهولن جي موسم ۾ ڏسبو هو ، جڏھن کٻڙن ۾ پيرون پچندا هئا ، ته ولرن جي صورت ۾ ڄارين جي ٽارين کي ٻکين پئي، پيا پيرون  کائيندا هئا ، ان دوران بلبلون به وهين سان ڀيڙيون هونديون هيون، ڇاڪاڻ ته بلبلن جو کاڌو به  پيرون ۽ مڪ آھي ، جڏھن مڪ ۽ پيرن جي موسم ختم ٿي ويندي هئي ، ته بلبلون وري ڪڪوريل ڪرڙن تي پسيون کائڻ لاءِ  وڃي ديرا ڄمائينديون هيون.
طوطا به اڪثر ڪري  ميويدار وڻن سان ايئن سلهاڙيل هوندا هئا جيئن پاڇو جسم سان ، سائي رنگ ۽ ڳاڙھي چھنب سان  هي پکي به ڏاڍو خوبصورت لڳندو آھي،
ڪوئا مار پکي وري سياري رت ۾ ڏسبو هو ، هي به باز پکي جو هڪ قسم آھي ، باز جا ٻيا جيڪي قسم آھن انهن ۾  شڪرو ، اڇ اکيو باز ،باز ڄانگهو ، عقاب ، عقاب ڪڪو ، عقاب شھنشاهي ، باز پرمار ، باز ڪارو ، باز بحري ، عقاب ميداني ، لغز باز ، باز چرغ ،  باز ترمچي ، ۽ بحري عقاب  اچي وڃن ٿا ، انهن جي رنگ ، شڪل ، ۽ شڪار ۾  فرق آھي ، سرڻ ۽ گند خور به بازن جيڏا وڏا پکي ٿين ٿا ، ليڪن هاڻي  اهي پکي به ناياب ٿي ويا آھن .
ڳجهه بازن کان وڏو ۽ اڏامڻ جو سست پکي  هوندو آھي  ، هو گوشت کائيندڙ پکي آھي ، هن جا ٽي قسم آھن ، ڳجھه  اڇي پٺي واري ، رج ڳجھه ، ۽ خاڪي ڳجھه ، ڳجهن جا اهي ٽيئي قسم هاڻي ڳوليئي نه ٿا لڀن.
ٻاٽيڀڙ ۽ ڀئوتريو  ننڍا پکي ٿين ٿا ، اهي اڪثر وارياسن علائقن جي کٻڙن ۾ رهندا آھن ، انهن جو رنگ خاڪي ۽ ڦلڦليو هوندو آھي ، تلور به خاڪي رنگ جو پکي ٿيندو آھي ، هي خوبصورت پکي سياري رت ۾ ڏورانهن علائقن کان سنڌ ۾ ايندو آھي ، باک ڦٽي کان پهرين اٿي ڄانڀي ڦلڙيون  ۽ مڪ کائيندو آھي ، کيس پڪڙڻ خاطر ڏيهي توڙي پرڏيهي شڪاري پوٺن ۾ پکا اڏي وهندا آھن ۽ سندس شڪار پيا ڪندا آھن.
ڳيري پکي جا ٽي قسم ٿيندا آھن ، ڳاني ڳيرو ، ڪرڪٽ ڳاڙھه سري ڳيري ، ۽ طوطڻ ڳيري ، هي پکي اڪثر ساريون کائيندو آھي ، اڌ رات ٽاڻي جڏھن گهاٽن وڻن ۾ ٻوليندو آھي ، ته ايئن لڳندو آھي گويا هوائون جهونگاري رهيون آھن.
ڪٻر هلڪي ڪاري رنگ جو برائون چھنب سان  ننڍو پکي ٿيندو آھي ، هو موڳو هوندو آھي ، مينا به ڪجھه ان سان مشابهت رکندڙ پکي آھي اهو پکي فارسي شاعري ۾ گهڻو ڳاتو ويو آھي ، گگھه ڊگهي پڇ سان ڳاڙھه سرو پکي ٿيندو آھي ، جو سرن ۽ ڪانهن جي ٻٺن ۾ رهندو آھي ، هي ڏاڍو بزدل پکي هوندو آھي ، ٿوري ئي ڌڪ لڳڻ ڪري ڍير ي  ٿي پوندو آھي ، ڪاٺ ڪٽو چٽاپٽي  رنگن سان خوبصورت پکي ٿيندو آھي ، هو سندس سخت چھنب سان پراڻن وڻن جي ٿڙن ۾ وڏا سوراخ ڪري پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهيندو آھي ، پوءِ اتي ئي آنا لاهي  ٻچا ڦوڙي پاليندو آھي.
هد هد به اهڙن ئي خوبصورت رنگن وارو پکي هوندو آھي ، جو اڪثر ڪري وڻن تي ڪڏھن ڪڏھن نظر ايندو هو ، ليڪن هاڻي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ، هڙيو ، چنڊول ، ڇاپاگو ، ميٽر ، مالهاري ، ڦڻ ڦدي ،  ڦوسڻي ، ڍولير ، صحرائي ٻوليو ، ابابيل ، ٽڪلو ، چانھه ، ليلهو ، هيڙو ، جهرڪي ، چيهو ،  کٽياڻي ، ۽ ٻوڙي اهي سڀ ننڍا  ليڪن دلڪش پکي آھن ، اهي خشڪي جا پکي آھن انهن جو واهپو  وڻن سان رهي ٿو.
پاڻي جي پکين ۾  ھنجهر ،للو هنجھه ، ٻرڻو ، ڊگوش ، چينهن ، چيڪلو ، ٿرهانڊو ، آڙي ، نيرڳي ، کنڀو ، ڦاڙهائو ۽ ، ڳهڻو ، انهن جو گوشت ڏاڍو لذيذ ٿئي ٿو ، شڪاري رڇن ۽ بندوق سان انهن جو شڪار ڪندا آھن ، اهي سياري ۾ ٿڌن علائقن کان اڏامي سنڌ ۾ اچن ٿا فيبروري ۽ مارڄ جي مهينن ۾ واپس هليا وڃن ٿا .
پاڻي جا ٻيا پکي جن ۾ ٻگھه ، ڪڪي ، ٻوهارو ،ڪڪراٺ ، سانھه ، ڄاهو ، ٽيٽھر ، پروڙي ،۽ لاکي ڄاڃي وغيره  اچي وڃن ٿا ، اهي پکي  اڪثر ڪري سنڌ جي وڏين ڍنڍن ۾ ٻارنهن مهينا ئي موجود هوندا آھن ، بد قسمتي سان پاڻي جي کوٽ سبب ڍنڍون ۽ ڍورا ب سڪي ويا ۽  اهي پکي به اتان  اڏامي ويا.
پکين جي نسلن جي تباهي ۾ جتي  حڪومت جو پکين ۽ جانورن جي سار سنڀال جو کاتو ذميدار آھي اتي اسان به آجا نه  آھيون  ،  پکين جي نسلن جي تباهي جا گهڻا ڪارڻ  انساني آبادي جو وڌڻ  ، جهنگ ۽ ٻيلا ڪٽجڻ ،  ماحولياتي آلودگي ، ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ جي اڻھوند به آھي ، گڏوگڏ آبادين ۾ خطرناڪ  حد تائين زهر جي استعمال ۽  زهريلي پاڻي  جي ڍنڍن ۾ نيڪال به  پکين جي نسلن جو نقصان ڪيو آھي ،  حڪومت  کي پکين جي واڌ ويجھه لاءِ ضروري اپاءَ وٺڻا پوندا،  ٻي صورت ۾  اسان وٽ  باقي رهيل پکين جا چند قسم به ڪجھه عرصي  ۾   ختم ٿي ويندا،
پکي  هن ڪائنات  جا معصوم ۽ خوبصورت وجود آھن ، جيڪي نسوري سونهن ۽ محبت جا اهڃاڻ  آھن.
 صدين کان فطرت جي هنج ۾  پلجندڙ پکين لاءِ هاڻي فطرت به  ڄڻ  واجهائي رهي آھي ، ۽ ازل کان انهن  جو انسان  سان ساٿ به  هاڻي  ڪنهن ڪچي تند جيان ٽٽندو ٿو وڃي.