پکو (ن پ ا) پکو ڀرسان ڳوٺ عھدي خان مغيري ۾ گھنور شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري ڪپر ڪمزور ٿيڻ سبب ھنڌان ھنڌان اور ٽاپ ٿي ڪري مختلف ھنڌن تان گھنور شاخ کي گھارا لڳي ويا، جنهن سبب سارين جو ٻيجارو پاڻي ھيٺ اچي ويو، آبادگار ھاري پنهنجي مدد تحت گھنور شاخ  جا گھارا ٻڌڻ لڳا، ان حوالي سان  آبادگار معشوق حاجن شوڪت سجاد نواز احمد علي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ايريگيشن عملو گھنور شاخ جي کاٽي لاءِ آيل پيسا ھڙپ ڪري ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جلد گھنوار شاخ جا ڪپر مضبوط بڻايا وڃن.