نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي هڪ عجائب گهر ۾  پکي اُڏڻ جي صلاحيت وڃائي ويٺو جنهن کانپوءِ هو هڪ نئون هنر سکي پينٽر بڻجي ويو. آمريڪي رياست ورمونٽ ۾ انسٽيٽيوٽ آف نيچرل سائنس موجب پکي جو نالو فيرسبرگ ڳوٺ جي  اعزاز ۾ رکيو ويو جتي ان کي بچايو ويو هو، فيرسبرگ زخمي ٿيڻ کان پهرين ميوزم ۾ فلائٽ ايمبيسيڊر هو. ميوزم ۾ ماحولياتي تعليم ڏيندڙ مال موراتوري ۽ ليڪسي اسمٿ چيو ته پکي جي هڏي ڀڄي پوڻ ڪري ان کي غير قانوني پالتو جانور جي طور تي پالڻ دوران خراب خوراڪ ڏني وئي، هو ناڪاره ٿي چڪو هو جنهن کانپوءِ خيال آيو ته کيس پينٽنگ سيکاري وڃي پکي جي شوق کيس هڪ بهترين پينٽر بڻائي ڇڏيو آهي، ماهرن موجب پکي ڪيتريون ئي تصويرون پينٽ ڪيون آهن.