پکو (ن پ ا) پکو ۾ نوجوان تي وحشيانا تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ڳوٺ هني تونيو ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، وڳڻ واسي نوجوان انيس خاصخيلي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ذريعن موجب، ڊرگهه ٿاڻي جي پوليس زخمي ٿيل انيس خاصخيلي سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي والد بگن خاصخيلي چيو ته سندس پٽ بيگناهه هو، جيڪو رستي تان گذري رهيو هو ته کيس پڪڙي بي رحمي سان مارڪٽ ڪئي وئي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.