معاشرتي مان، مرتبي، عھدي ۽ سماجي برابري جي ڏيٺ ۾، جيڪڏھن ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت ۾ اسان فرق کڻي نه به ڪريون (۽ نه ڪرڻ گھرجي) پر، علم نفسيات جي مطابق: ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت ۾ نمايان فرق ھنن جي جسماني خدوخال ۽ حياتياتي (بايولاجيڪل) ضرورتن ۾ ضرور آھي. مطلب ھي ته اسان ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت ۾، جيڪڏھن ٻين ھڙني سببن کي پاسي تي رکي ڇڏيون يا، خاطر ۾ کڻي نه به آڻيون پر، علم نفسيات جي مطابق ٻنھي ۾ جسماني فرق سان گڏ ھنن جي رويين، ورتائن، سوچڻ ۽ سمجھڻ واري صلاحيتن ۾ به وڏو فرق آھي. نه صرف ايترو پر، شين ۽ لقائن کي پرکڻ ۾، مامرن ۽ مسئلن کي سمجھڻ ۽ منھن ڏيڻ ۾، ۽ ڪنھن مشڪل جي گھڙي ۾ بردبار ٿيڻ ۽ ھجڻ ۾ به ڪافي فرق آھي. ساڳي طرح سان ذاتي، معاشرتي ۽ سماجي ذميوارين کي نڀائڻ ۾ به، ٻنھي جي طريقي ڪارن ۾ فرق آھي. انھيءَ ڪري دنيا ڀر جي اڪثر خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۾ مردن سان گڏ عورتون به ڪم ڪندين عام جام نظر پيون اينديون آھن. نفسيات جي ماھرن جي ڳالھين کي اڳتي وڌائيندي اسان جا تعليمي ماھر به ھاڻي ھي ڳالھيون ڪرڻ لڳا آھن ته، اسڪول ويندڙ ھڪ ٻار کي جھڙي طرح، سھڻي نموني سان ھڪ عورت استاد ريجھائي، پڙھائي ۽ سنڀالي سگھي ٿي، اھڙي طرح سان ھڪ مرد استاد نه ريجھائي سگھي ٿو. نه پڙھائي سگھي ٿو ۽، نه سنڀالي سگھي ٿو. ان جا سبب اھي، ھي ٻڌائيندا آھن ته عورت جو رويو مرد جي ڀيٽ ۾ شفقت وارو ۽ رحمدل ٿئي ٿو. مرد جارح ۽ جذباتي آھي. جڏھن ته عورت ھمدرد ۽ پاٻوھ واري ٿئي ٿي. مرد تڪڙو، بي صبرو ۽، پاڻ کي سورمو ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ ھوندو آھي. پر عورت پاڻ کي تحمل وارو، انتھا درجي جو صبر وارو (نوٽ: ھت صبر جو مطلب بردباري نه وٺندا) ھجڻ سان گڏ سونپيل ڪم کي نڀائڻ ۾ فطرتي طور تي سئو سيڪڙو ٺھڪندڙ (فِٽِ) ھجي ٿي. اھي ئي سبب آھن جو اسان جي وڏن اسڪولي سرشتن: پِري- پرائمري واري تعليم کان چوٿين درجي تائين واري تعليم کي استادياڻين جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. استادياڻيون اھڙن اھڙن ٻارن کي به ريجھائي ۽ سنڀالي وڃن ٿيون، جن جي پيئرن ۽ مائرن ھنن کي ريجھائڻ ۽ سنڀالڻ ۾ ھٿ مٿي کڻي ڇڏيو آھي. اھڙا ٻار تمام گھڻو ڏنگا ھوندا آھن. تنگ ڪندڙ ۽ ھر وقت ڪجھ نه ڪجھ ڪندا رھندا ھوندا آھن. اھڙا ٻار اسڪولن ۾ ھوندا آھن ته گھرن ۾ سڪون لڳو پيو ھوندو آھي. ان جي باوجود والدين پريشان ھوندا آھن ته متان ڪنھن استادياڻي کي پريشان نه ڪن.
جيئن ته ھت پاڻ درس ۽ تدريس جي حوالي سان “پڙھائڻ ھڪ آرٽ آھي” جي ڏيٺ جي حساب سان ٻارن جي نفسيات سان منھن ڏيڻ جي ڳالھ ڪري رھيا آھيون، خاص طور تي پِري- پرائمري کان پرائمري درجن وارن ٻارن جي نفسيات جي حوالي سان، سو ھت ھڪ مرد جو ڪردار ٻُڙي ٿي وڃي ٿو. ھا ھت ھي به حقيقت آھي ته وڏن درجن (اٺين کان ٻارھين تائين) وارن ٻارن کي وري جھڙي طرح سان ھڪ بھترين، مضمون جو ڄاڻون، تجربي ڪار ۽ تربيت يافتا (ٽرينڊ) مرد استاد مڪمل طور تي ضابطي ھيٺ رکي ٿو، ات ھڪ عورت استاد گھڻي قدر ڪامياب ناھي ڏٺي وئي، سواءِ ھن ڳالھ جي ته وڏن درجن کي پڙھائيندڙ اھا عورت سبجيڪٽ تي عبور رکندڙ ھجي ۽ پرڪشش شخصيت جي مالڪ ھجي. توھان جيڪي اسڪولن جا سربراھ آھيو يا مالڪ، توھان وٽ قسمين قسمين طبيعتن ۽ مختلف مضمونن کي پڙھائڻ وارن ماھر استادن ۽ استادياڻين سان گڏ توڻي جو گھٽ انگ ۾ ئي صحيح پر، اھڙا استاد به ھوندا آھن، جيڪي ڳالھ ڳالھ تي ٻارن يا پنھنجي ڪنھن ساٿي کان رسي ۽ ناراض ٿي ڪلاس ۽ اسٽاف روم مان ٻاھر نڪري ايندا آھن. اھي شڪايت ڪندا آھن ته ٻار منھنجي عزت نٿا ڪن. پنھنجي ساٿي استاد جي باري ۾ ھي شڪايت ڪندا آھن ته فلاڻو استاد منھنجي ڳالھ نٿو ٻڌي. انتظاميا جو ڪو رڪن ھن جي مسئلي کي اھميت نٿو ڏئي. يعني وري به اھائي شڪايت ته منھنجي عزت نٿي ڪئي وڃي. ھن قسم جي استادن جي نفسيات وھمي ۽ شڪي مزاج واري ٿئي ٿي. اھڙا استاد ذھني طور پختا ناھن ھوندا. احساسِ ڪمتري يا، وري احساسِ برتري ۾ ورتل ھوندا آھن. اھي چاھيندا آھن ته جيئن اسان چئون ٿا ائين ٿيڻ گھرجي. جيڪو ڪجھ اسان سوچيون ٿا ان کي مانُ ملڻ گھرجي. اھڙا استاد (يا استادياڻيون) ڀلي کڻي سٺا پڙھائيندڙ به ھوندا آھن پر جلدي ڪاوڙبا ۽ جلدي ۾ پرچي پوندا آھن. ھڪ ھنڌ گڏ ڪم ڪندي به اڪيلا لڳندا آھن. ٻين تي الزام تراشي ڪرڻ ۾ سڪون محسوس ڪندا آھن. سمجھندا آھن ته ھنن ھي عمل ڪري پاڻ کي سورمو ثابت ڪيو آھي. ٻين کي ضرور ورغلائيندا آھن ته ھت ھي ڪم نٿو ٿئي فلاڻو مطالبو نٿو مڃيو وڃي پر جڏھن اڳيان اچڻ جي لاءِ چيو ويندو آھي ته لھرائيندا آھن. ايتري تائين جو ھنن کي پنھنجي ڪيئي تي پشيماني به ڪانه ٿيندي آھي. ذھني ڪمزوري جو ھي حال ھوندو آھي جو ٻين جي چوڻ تي معافيون وٺڻ ۾ دير به ناھن ڪندا. اھڙن استادن جي عزت ٻارن جي نظر ۾ به ڪرندي رھي ٿي ۽، انتظاميا جي نظر ۾ به ھنن جي اھميت اھا نٿي رھي، جيڪا ڪجھ مھينا، ڪجھ ھفتا ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ ھئي. اسڪولي سربراھن سان گڏ اسان جي استادن جي اڪثريتي آبادي کي تعليمي نفسيات (ايجوڪيشنل سائڪولاجي) جي باري ۾ ڄاڻ ئي ڪانھي ڪا.
استادن کي ھي ڳالھ ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته ٻار ھنن وٽ ھڪ امانت آھن. تعليمي ادارا ھنن جي روزي روٽي جو ذريعو آھن ۽ انتظاميا ھنن جو پردو آھي. ٻارن کي مناسب طريقي سان ضابطي ۾ نه رکڻ ۽ نه پڙھائڻ جو مطلب امانت ۾ خيانت آھي. اسان وٽ ادارا تعليمي ھجن يا ٻيا ماحول ڪڏھن به آئيڊيل ناھي ھوندو. ان لاءِ ضروري ھي ڳالھ ھوندي آھي ته جيڪو به ادارو توھان جي روزي روٽي جو سبب آھي، ان جي عزت ۽ وقار قائم رکڻ ۾ جتي مالڪن ۽ سربراھن جو ڪم آھي، اتي ان اداري ۾ ڪم ڪندڙ ھر ننڍي وڏي ملازم لاءِ اداري جي ساک رکڻ به انھن جي اھم ذميوارين ۾ شامل آھي. اسان جڏھن تعليمي نفسيات جي ڳالھ ڪريون ٿا /ڏسو صفحو 7 بقايا 01
ته اھا اسان کي ھي ٻڌائي ٿي اسڪول پڙھندڙ ھر ٻار جي نفسيات مختلف هوندي آهي. ڪجھ ٻار ڏڏ هوندا آهن، ڪجھ پڙھڻ ۾ سست آھن، ڪجھ وچولا ۽ ڪجھ وري ھوشيار آھن. ڪجھ ڏنگا هوندا آهن ته ڪجھ وري توھان کي چپ چپ نظر ايندا. نه صرف ايترو پر، پنھنجن خوابن، سوچن، عملن، ورتائن ۾ به مختلف لڳندا آھن. جڏھن ھڪ ئي درجي ۾ پڙھندڙ ٻار ھڪٻئي کان ھر لحاظ ۾ مختلف آھن ته ات ھڪ استاد جي ذميواري اڃان به وڌي وڃي ٿي ته ھو سڀني ٻارن کي پنھنجي صلاحيتن جي مدد سان گڏ کڻي ھلي. ياد رکڻ گھرجي ته جڏھن ھڪ استاد پنھنجي مضمون کي پڙھائڻ ۾ جيڪڏھن ڀلو به ھوندو پر، ھن وٽ ڪلاس کي ضابطي ۾ رکڻ جو ڏانءُ نه ھوندو ته اھڙو استاد اڄڪلھ جي دور ۾ ڪمزور تصور ڪيو ويندو آھي. ٻار اھڙي استاد تان مسخريون ڪندا رھندا آھن. ان جي پڙھائي کي ھلڪو وٺندا آھن. چرچا ڀوڳ ڪندا آھن ۽ جنھن جو نتيجو ھي نڪرندو آھي ته اھڙو استاد جڏھن ٻارن سان ٽيڪنيڪي طور تي پڄي ناھي سگھندو ته ڪلاس ڇڏي انتظاميا وٽ شڪايت کڻي ايندو آھي ته ٻار ھن جي عزت نٿا ڪن. اصل ۾ معاملو ٻارن پاران استادن جي عزت ڪرڻ نه پر، “پڙھائڻ ھڪ آرٽ آھي” واري نسخي کي جيڪو به استاد سمجھي ويو، اھو ئي استاد ھڪ ڪامياب استاد آھي.