پڊعيدن(ن پ ا) پڊعيدن ۾ ڳوٺ غازي خان واسي ملڪ برادري جي ماڻھن اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نياز ملڪ، امداد ملڪ، عنايت الله ملڪ، اظھر علي جالندري، اڪبر انصاري ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل رات بيمار نياڻي صائمه کي کڻي اسپتال پهتاسين ته ڊيوٽي تي ڪو به ڊاڪٽر موجود نه هو ۽ نه وري پيرا ميڊيڪل عملو موجود هو، هنن چيو ته سڄي اسپتال ۾ هڪ وارڊ بواءِ هو جنهن اسان سان بدسلوڪي ڪئي ۽ علاج بدران آسري ۾ رهايو، جنهن ڪري نينگري جي حالت نازڪ ٿي وئي ۽ نوابشاه کڻي داخل ڪرايو، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ايم ايس ٻڌايو ته هنن جو مريض پهريائين ڪنهن ٻئي اسپتال ۾ داخل هيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻي آيا، اسپتال ۾ موجود عملي مريض کي فرسٽ ايڊ ڏئي نوابشاهه ريفر ڪيو ۽ 1122 تان ايمبولنس گهرائي کين ڏني وئي.