پڊعيدن(ن پ ا( پڊعيدن ۾ چيهو شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف عوامي تحريڪ ۽ آبادگارن نصرت ڪئنال پل تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر فدا حسين ڀريجو، عبدالسلام سومرو، شاهد سومرو، بابر ابوپوٽو، شاهه محمد ڪلهوڙو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته گذريل ڪيترن سالن کان چيهو شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگار سخت پريشان آھن، پاڻي نه هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي آهي، آبادگارن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چيهو شاخ ۾ پاڻي ڏئي هارين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.