پڊعيدن(ن پ ا) پڊعيدن ۾ خاصخيلي برادري جي ماڻهن پورهيت جي بنا جواز گرفتاري خلاف نصرت ڪئنال پل تي ڌرڻو هنيو، مظاهرين ياسين خاصخيلي، وزير خاصخيلي، مسمات نواب خاتون، مسمات سلميٰ خاتون ۽ ٻين چيو ته پوليس بنا جواز پورهيت ذاڪر حسين کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته ڪو به فريادي ناهي ۽ نه ڪا اين سي داخل ٿيل آهي پر پوءِ به پوليس اسان جي ماڻھو کي گرفتار ڪري گم ڪيو آهي، هنن پورهيت کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ايس ايچ او پڊعيدن مظاهرين وٽ پهچي سندن ماڻھو آزاد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.