پڊعيدن ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل، عورت زخمي

0
16
پڊعيدن ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل، عورت زخمي
پڊعيدن ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل، عورت زخمي

پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ڇرين جا وار ڪري بيدردي سان قتل، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، گرفتاري نه ٿي، خبرموجب ڳوٺ يوسف ڀنڀرو ۾ 4 ڄڻن مبينا ڪارنھن الزام ۾ بٺي تي ڪم ڪندڙ نوجوان انيس احمد ڀنڀرو ۽ عورت عزت خاتون کي ڇرين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نوجوان کي رورل ھيلٿ سينٽر پڊعيدن آندو ويو، جتان حالت نازڪ هجڻ ڪري نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، نوجوان کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهي دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جو لاش پڊعيدن اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀاءُ صابر علي صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ انيس سرن جي بٺي تي صبح مزدوري تي ويو هو، جتي وزير ڀنڀرو، انتظار ڀنڀرو، سلطان ڀنڀرو ۽ زاهد ڀنڀرو ڇرين جا وار ڪري  کيس قتل ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ڀاءُ کي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي بيگناهه قتل ڪيو ويو، اسان سان سراسر ظلم ٿيو آهي، ٻئي پاسي ڪارنهن الزام ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪيل عزت زال وزير ڀنڀرو کي علاج کانپوءِ وارث گهر کڻائي ويا، واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ صابر علي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 4 ڄڻن انتظار حسين، زاهد علي، وزير علي ۽ سلطان ڀنڀرو کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.