پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ويجهو ڀت ڪرڻ سبب پيرسن دٻجي فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب ڳوٺ يوسف راڄپر  جي رهواسي 65 ورهين جي رٽائرڊ ڊاڪٽر در محمد راڄپر مٿان گهٽي مان لگهڻ دوران گهر جي ڀت ڪري   پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي دٻجي فوت ٿي ويو، پيرسن جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، وارثن ٻڌايو ته ڳوٺ جي رستي تان گذر ڪندي ڀت ڪري پئي جنهن جي هيٺان دٻجڻ ڪري پيرسن فوت ٿي ويو.