پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن ويجهو پراڻي تڪرار تان اوستا محمد واسي نوجوان قتل، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ حاجي حمزو بروهي ۾ جوابدار بندوق جو فائر ڪري نوجوان نادر علي جمالي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، نوجوان کي اسپتال آندو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد مقتول نوجوان جو لاس وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي رات دير سان اوستا محمد کڻائي ويا، پوليس موجب قتل جو ڪارڻ ذاتي پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي، جمالي برادري جو اصل تعلق اوستا محمد سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي پڊعيدن ڀرسان بڙدي برادري جي زمين ڪاهيندا آھن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.