ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان مهيسر مائنير جي پڇڙي جي آبادگارن پاران شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف ريلي ٻئي ڏينهن ڪوڏاريون هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪيو ويو مهيسر مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن ريلي ڪڍي ڪنڊيارو ڪمال ديرو لنڪ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ۽ مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هڻي، روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مهيسر مائينر جي آبادگارن خالد مهيسر ، عطا محمد ۽ ٻين پڇڙي ۾ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا غيرقانوني لوليون ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا هنن دانهيو ته مهيسر مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن سان وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي ڪيترن ئي سالن کان پڇڙي ۾ پاڻي ناهي جنهن سبب سندن زمينون بنجر بڻجي ويون آھن هنن چيو ته هاڻي جيڪڏھن پاڻي نه ڏنو ويو ته ڪنڊيارو ايريگشن جي انجنيئر آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ويندو هنن الزام هنيو ته ايريگشن جا عملدار پاڻي چوري ڪرائي پيسا ڪمائي رهيا آهن مهيسر مائنير جي منڍ ۾ رشوت عيوض بااثرن کي غيرقانوني لوليون لڳرائي ڇڏيون آهن احتجاجن باوجود ڪو کڙ تيل نه پيو نڪري ۽ مهيسر مائينر جي پڇڙي ۾ زمينون غير آباد پيل آهي آبادگارن جي داد رسي نه پئي ٿئي ۽ آبادگارن سان نسورو ناحق ٿي رهيو آهي، سنڌ جو نگران وزير اعلي نوٽيس وٺي مهيسر مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏياري ٻئي صورت ۾ ڪنڊيارو ۾ ايريگشن انجنئير جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.