پڇون آخر پڇون ڪنهن کان اسان جو ڏوهه ڪهڙو آ؟

0
101
ٻوڙي-سياست-گونگا-ماڻهو

  تازي برساتي ٻوڏ سبب جتي پوري سنڌ جي عوام کي اسان جي سرڪار پاران سندن غلط اندازن ۽ منصوبابندين سبب درپدر ڪيو ويو آهي، اتي ڪجهه هن قسم جون خبرون به اخبارن ۾ ڇپجي رهيون آهن ته فلاڻي شهر جي ماڻهن مڙسي ڪري پنهنجا شهر بچائي ورتا آهن ۽ فلاڻي شهر جي ماڻهن حڪومتي مشنري تي ڀاڙي پنهنجي شهر کي ٻيهر ٻوڙائي ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ هن قسم جو تاثر يا راءِ ڇڏڻ حڪومتي ڪوتاهين تي پردو رکڻ جي مترادف آهي. اسان کي هن قسم جي راءِ کي ڇڏڻ کان اڳ ۾ هي خيال ضرور ڪرڻ گهرجي ته اهو تعلقو ۽ شهر جيڪو 1942ع جي مها ٻوڏ جي تجربي مان گذري چڪو هو، جنهن کي 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ هٿ وٺي ٻوڙايو ويو هو ۽ هن ڀيري به جڏهن منصوبوئي ٻوڙائڻ جو هو ته اتي شهر جو عوام ڇا پيو ڪري سگهي؟ جنهن وٽ نه وسيلا هئا، نه بندن کي مضبوط ڪرڻ جي صلاحيت، مهارت ۽ حڪومتي مدد جيڪا ان شهر کي محفوظ رکي سگهي ها! باوجود نوجوانن پاران شهر کي محفوظ ڪرڻ لاءِ 20 پنجويهه لک چندو گڏ ڪرڻ ۽ کاٽي مشينن وارن سان ڳالهائڻ ۾ ڪامياب ويا هئا پر جڏهن انهن کي ايف آءِ آرز ڪٽرائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي ته کاٽي مشين وارن نوجوانن کي کتو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن عمل سان نوجوان مايوس ٿي ويا. ٻيو ته ٺهيو پر 2010ع ۾ شهر کي ٻوڙڻ ۾ پنهنجو ڀرپور رنگ ڏيکاريندڙ ڇنڊڻ ڪاري موري جي ويجهو لڳل کنڊ کي به هاڻي ان وقت بند ڪيو ويو آهي، جڏهن شهرين پاران رڙيون ڪيون ويون  ته اهو کنڊ جيئن جو تيئن برقرار آهي. آبپاشي کاتي پاران ٻارنهن سال ڇا ڪيو ويو؟ ان سوال جو جواب ڪنهن وٽ به ڪونهي ڪو.

 20 آگسٽ کان وٺي 31 آگسٽ تائين خيرپور ناٿن شاهه جي نوجوانن ۽ شهرين شهر کي بچائڻ جي لاءِ جيڪي رڙيون ڪيون، احتجاج ڪيا ۽ ڌرڻا هنيا اهي مڪمل طور تي جمهوري عمل هئا ڇاڪاڻ ته بي وس ۽ نڌڻڪو عوام ته احتجاج ئي ڪري سگهي ٿو ۽ ٻيو ذڪر هيٺ عرصي دوران سنڌ جو آبپاشي وزير محترم ڄام خان شورو، ايم اين اي رفيق احمد جمالي سان گڏجي جڏهن ڇنڊڻ ڪاري موري کان ٻه ڪلوميٽر کن اڳتي ٻيلي پتڻ کان ٿورو اڳيان جوهي برانچ تي جتي ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال جو قدرتي لنگهه آهي ان جو جائزو وٺڻ آيا هئا ته انهن جي سامهون به شهرين پنهنجو ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو ته: “هن شهيدن جي شهر تي بري نظر نه رکي وڃي، هن کي ٻيهر نه ٻوڙايو وڃي.” شهر جي امڪاني ٻوڙائڻ جي خدشي پويان هنن ٻنهي سرڪاري اهم فردن پاران ذري برابر به ڌيان ڏيڻ ته پري رهيو پر هنن ٻنهي وڏن صاحبن پاران نه ڪا خاطري ڪرائي وئي ۽ نه وري شهر جو دورو ڪري شهرين کي ڪا آٿت ڏني وئي ته: “اسان کان 2010ع ۾ غلطي ٿي وئي هئي ۽ هن ڀيري ائين ڪونه ٿيندو.”

اسان جو ايم پي اي جناب عبدالعزيز جوڻيجو جيڪو نه صرف هڪ انجنيئر آهي پر علائقي ۾ سندس واکاڻ چڱن مڙسن جي طور تي به مشهور آهي، پر اهو به شهر کي ڪو تحفظ نه ڏيارائي سگهيو ۽ انهيءَ عرصي دوران مڪمل طور تي غائب رهيو ۽ اڃا تائين غائب آهي. ايم اين اي عمران ظفر لغاري ڪٿي گم هو ۽ آهي ڪنهن کي ڪا خبر ڪونه آهي. نه صرف ايترو پر پارٽي جي مقامي قيادت به شهر کي بچائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو تحرڪ نه ورتو، جن جو تعلق حڪومتي پارٽي سان هجڻ ناتي تمام وڏي ذميداري هئي. ٻيو ته ٺهيو پر ڪاري موري کان وايا انڊس هاءِ وي تائين خانپور- ڪاري موري جي وچ ۾ جيڪو مفاصلو آهي اهو ڏيڍ ڪلو ميٽر مس ٿيندو ۽ خانپور کان خيرپورناٿن شاهه تائين جو مفاصلو اٺ نو ڪلو ميٽر کن آهي. آبپاشي وزير ۽ جمالي صاحب ايترو به نه ڪيو جو شهر اچي شهرين جي هنيانءُ تي ڪي ڇنڊا ئي هڻن ها ته: “اسان ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ شهري پريشان نه ٿين هن ڀيري ائين ڪونه ٿيندو.” پر اهي ٻئي صاحب پنهنجين گاڏين ۾ سوار ٿي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ائين غائب ٿي ويا ڄڻ آيائي ڪونه هئا .

ان ڏينهن بعد شهرين کي پڪ ٿي وئي ته خيرپورناٿن شاهه کي ٻيهر ٻوڙائڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. شهرين پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪيو. شهر مان لڏپلاڻ جون خبرون اسان جي حڪومت جي هنن ذميدار صاحبن سان گڏ اسان جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نظر مان به ضرور گذريون هونديون پر جيڪڏهن نظر مان نه به گذريون هونديون ته سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تان شاهه صاحب تائين ضرور پهتيون هونديون. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته خيرپورناٿن شاهه سان گڏ سڄي سنڌ ۾ هن هيڏي وڏي لڏ پلاڻ جنهن جي نه ڪا منزل هئي نه ڪو مناسب ٺڪاڻو ۽ يقيني طور تي حڪومت جي بي حسي جي ڪري درپدري مقدر بڻجي چڪي هئي، سو سنڌ صوبي جي هڪ ذميدار حڪومتي سربراهه جي ناتي ڇا سيد سڳوري جو هي فرض نه پيو بڻجي ته هڪ دفعو اڳ ٻڏل (2010ع) شهر جو ڪو چڪر ئي کڻي لڳائي وڃي ها ۽ شهرين کي هي ڪا خاطري ڏئي وڃي ها ته: “هن شهر کي ڪو خطرو ناهي.” جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ شاهه صاحب سنڌ جي دوري تي به نڪتل هئا.

سنڌ سڄي سورن ۾ آهي انهن سورن جا ذميدار هن وقت غائب آهن. جيڪي ظاهر آهن اهي عالمي امداد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ منرل واٽر جون بوتلون سامهون رکي گڏجاڻيون ڪري رهيا آهن، ته ڪي وري پرڏيهي ملڪن جي سفيرن کي پريزنٽيشنز (پيش تعارفَ) ڏئي رهيا آهن ۽ ٽيان وري انهن گڏجاڻين ۽ پيش تعارفن لاءِ عوامي ۽ علائقائي تباهين جا انگ اکر گڏ ڪري رهيا آهن. هن وقت ملڪ خاص طور تي سنڌ جو جيڪو سماجي- ماحولياتي يا معاشي منظر آهي اهو هڪ ڀيانڪ تباهي جي تصوير پيش ڪري رهيو آهي. وارهه، نصيرآباد، ميهڙ، جوهي، ايتري تائين جو سيوهڻ جهڙن شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو برقرار آهي. توڙي جو جوهي ۽ ميهڙ جي عوام جي استقامت برقرار آهي، پر ميرپورخاص، سانگهڙ، مٽياري، قاضي عارف، خيرپورميرس، گاجي کهاوڙ ۽ ڪولاچي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ۽ عوام شهرن مان نڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وس وت آهر هٿ پير هڻي رهيو آهي، بلڪل اهڙي طرح سان جيئن خيرپورناٿن شاهه جي يوسي گوزو جنهن ۾ ماڻهو اڃا ستل ئي هئا ته پاڻي اڌ رات جو سندن جي گهرن ۾ هڪ خوفناڪ بلا بڻجي ڪاهي پيو ۽ رهواسين کي جنهن پريشاني ۽ بدحواسي کي منهن ڏيڻو پيو، ان درد کي صرف گوزي واسي ئي بهتر سمجهي ۽ بيان ڪري سگهن ٿا. باقي هي چوڻ ته فلاڻن مڙسي ڪئي ۽ فلاڻن نه ڪئي حقيقت ۾ شهرين ۽ وسندين جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. ميهڙ شهر جي رنگ بند تي جيڪڏهن عوامي سگهه پنهنجو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ڪم ڏيکاري رهي آهي ته اتي ايم پي اي فياض علي ٻٽ صاحب ٻِٽُ لڳو بيٺو آهي ۽ هو ذاتي طور تي ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي جيڪو هن جو فرض به آهي ۽ جنهن جو اقرار اسان جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران لاڙڪاڻي جي دوري دوران ڪيو به ويو آهي ته: “ميهڙ ۾ رنگ بند تي جيڪا مشنري ڪم ڪري رهي آهي ان کي حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي.” توڙي جو رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ جتي شهر جي مردن پاڻ ملهايو آهي اتي شهر جون عورتون به اڳيان اڳيان آهن جيڪو پڻ هڪ اتساهيندڙ عمل آهي. انهيءَ دوران سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي جو بيان به سامهون آيو ته ميهڙ رنگ بند جي لاءِ سنڌ حڪومت ڏهه ڪروڙ جاري ڪري چڪي آهي. هن پاران سوال اٿاريو ويو ته ڇا رنگ بند تي ڏهه ڪروڙ خرچ ٿيا هوندا؟ ٻئي طرف جوهي رنگ بند تي به جيڪي نوجوان ڪم ڪري رهيا آهن اهي به جس لهڻ ۽ انهن جي به جيڪا ٿوري يا گهڻي مدد ٿي رهي آهي ان جي پويان به سنڌ سرڪار جو هٿ آهي ۽ مان هتڙي  وري به هي ڳالهه ورجائيندس ته بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرن ۽ شهرين جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جو ئي فرض ۽ آئيني ذميداري آهي. هاڻي جيڪڏهن خيرپورناٿن شاهه سان گڏ سنڌ جا ٻيا شهر جيڪي بنيادي ڍانچي جي امڪاني تباهي کي پنهنجي سامهون ڏسي ۽ محسوس ڪري رهيا آهن، حڪومت وقت وٽ انهن لاءِ ڪهڙا منصوبا ۽ رٿائون آهن پر هن وقت جي حال تائين ته اسان جون حڪومتون پنهنجي ذميدارين کي پوري ايمانداري سان نڀائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن.

ڇا هن ڪوتاهي تي لکڻ جي ضرورت آهي ته اپريل ۽ مئي وارن مهينن دوران اسان جي حڪومتن کي امڪاني تباهين جون جيڪي اڳواٽ صلاحڪاريون موڪليون پئي ويون انهن تي هنن پاران ڪهڙا اڳواٽ (ايڊوانس) اپاءُ ڪيا ويا. وري جڏهن جولاءِ ۽ آگسٽ وارن مهينن ۾ برساتيون پوڻ شروع ٿيون ۽ جڏهن نالي ماتر قومي ميڊيا ڪراچي جي لاءِ ته حڪومتن کي خوار به سٺو ڪيو ته ڪم به سٺا ورتا ان نام نهاد قومي ميڊيا باقي سنڌ جي تباهي تي ڪيترا رت جا ڳوڙها ڳاڙيا اهو اسان سڀ ڀلي ڀت چاڻون ٿا پر سنڌ حڪومت جنهن کي اسان جي سنڌي ميڊيا هي چوندي رهي ته اک پٽيو نه ته وڏي تباهي ايندي ته حڪومت ڇا ڪيو؟ سو هن قسم جون ڳالهيون ڪرڻ ته فلاڻي شهر جي ماڻهن ڪجهه نه ڪيو ۽ فلاڻي شهر جي ماڻهن واهه واهه ڪرائي ڇڏي حقيقت ۾ انهن شهرن جيڪي حڪومتي ڪوتاهين، ڪامورڪي نااهلين ۽ سياسي قيادت جي بي حسي سبب ٻڏل يا ٻڏڻ ڪنڌي تي آهن انهن جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. آخر ۾ توهان سان هي ڳالهه به ونڊ ڪبي هلجي ته هن وقت جڏهن سڄي سنڌ ٻوڏ جي تڪليفن سان گڏ حڪومتي بي واجبين سان منهن ڏئي رهي آهي، اتي پاڪستان نيوي جي اهلڪارن جن وٽ ريسڪيو جي لاءِ ٻيڙيون به آهن ته ٻيو ضروري سامان به، اهي به جڏهن ٻوڏ جي ماريل عوام کي لٺيون هڻن، دڙڪا ۽ داٻا ڏين ته پوئتي صرف بددعائون ئي رهجي وڃن ٿيون. ۽ توهان سان دنيا جي مشهور سياح البيروني جي ان مشاهدي جي باري ۾ ڳالهه ڪيون ٿا جنهن کي هن پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ اسان سنڌين جي باري ۾ درج ڪيو آهي جڏهن هو سنڌ مان گذريو هو. البيروني پنهنجي سفر نامي ۾ لکيو آهي “سڄي دنيا ۾ سنڌ اهو واحد ملڪ آهي جتي مسافرن کي ماني سان گڏ اجهو به مفت ۾ مهيا ڪيو وڃي ٿو. اهڙا ملڪ جنهن جا ماڻهو دل جا تمام گهڻا سخي هجن ته اهي پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندا آهن. اهي سدائين چالاڪين (سازشن)، مڪارين، ٺڳين ۽ منافقين جو شڪار ٿيندا رهندا آهن.” سو فڪر نه ڪريو اسان وري به ووٽ انهن کي ئي ڏينداسين جن اسان کي به ۽  سنڌ کي ٻوڙايو ۽ عوام کي درپدر ڪيو آهي ۽ جي هنن چاهيو ته اسان ٽيون ڀيرو به ٻڏنداسين ڇاڪاڻ ته عالمي امداد ۾ وڏي ڪشش ۽ بي انت فائدو آهي حڪومتن جي لاءِ به، ته اسان سڀني جي لاءِ به.