پٿورو(ن پ ا) پٿورو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بندش خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو، شٽربند هڙتال خبر موجب پٿورو شھر ۾گذريل ٻن مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جي صبر جو پئمانو لبزير ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري شهرين ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن جي سڏ شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري سمورا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي چيئرمين آصف حسين، پرديپ ڪمار ملاڻي، اعجاز احمد آريسر ۽ مڪيش ڪمار جسواڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ويھه ھزار کان مٿي آبادي رکندڙ پٿورو شھر ۾گذريل ٻن مھينن کان پيئڻ جو پاڻي بند آهي، پر ڊپٽي ڪمشنر، پبلڪ هيلٿ کاتو، توڙي وي ڊي اي چيئرمين چپ سبي صرف تماشو ڏسي رهيا آهن، جنهن ڪري شهري جر جو زهريلو پاڻي واپرائي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، هنن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر کاھي شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.