پٿورو (  ن پ ا)  پٿورو ۾ خودڪشين جو سلسلو بند نه ٿي سگھيو ، شهر جي غوثيه پيٽرول پمپ وٽ گلزار محله ۾ شادي شده عورت شريمتي ثمينه زال تيرٿ ڀيل مبينا طور ڦاهو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ثمينه ڀيل جي 6 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، سندس حسابي چڪر ھو ۽ دماغي توازن درست نه هو.  جنهن سبب هن ڦاھو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملڻ تي پٿورو پوليس موقعي تي پھچي لاش تعلقا اسپتال پٿورو کڻائي وئي. وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.  ٻئي واقعي ۾ پٿورو شهر جي رام نگر واري علائقي ۾ شادي شده عورت ڇيمي زال ويرو ڪولهي گذريل رات گهريلو تڪرار تان تنگ اچي پنهنجي گلي ۾ ڦاھو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي.  فوتي ڇيمي ڪولهي 4 ٻارن جي ماءُ هئي، اطلاع ملڻ تي پٿورو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پٿورو منتقل ڪيو، واضح رهي ته پٿورو تعلقي ۾ 2 مهينن دوران 8 خودڪشي جا واقعا پيش آيا آهن جنهن جو سبب بيروزگاري، غربت بک بدحالي، قرض، ذهني ۽ گھريلو پريشانين سبب خودڪشين جھيڙا واقعا پيش اچڻ ٻڌايو پيو وڃي. شهرين خودڪشي جي  واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.