پٿورو (ن پ ا) پٿورو لڳ موڙو ڪولھي تي ھندن جي تھوار ڪانوڙي جي خوشي ۾ ڪولھي برادري طرفان ڪانوڙي جي خوشي ۾ 2 روزه سنڌ جي ثقافتي راند ملھ جو ملاکڙو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو، جنھن ۾ اتر ۽ لاڙ ۽ ٿر جي ملھ پھلوانن حصو ورتو، جنھن ۾ پھرين جوڙ ۾ اصغر ھاليپوٽو جئيند لغاري ، کي دسي ٻانھي ۾ ھوڪرا ڪرائي ڇڏيا، جڏھن پهرين جوڙ جي ٻي ملاکڙي م انور هاليپوٽو عالم ڪنڀر کي دسي ورتو ۽ ٻئي جوڙ ۾ نارو ڪولهي خميسي بروهي کي ملھ ماري ورتي ۽ جان محمد منگريو عبدالغفور چانڊيو کي دسي ورتو
ٽيئن جوڙ ۾ جلال بروهي ، نظر دين هاليپوٽو کي ملھ واري ورتي ۽ ملھار شيدي غلام مصطفيٰ پنجابي کي دسي ميدان ملھايو پهلوانن زور آزمائي ڪري پنھنجي حريف کي دسي خوب داد وصول ڪيا ان موقعي تي خصوصي مھمانن ۾ محمد رمضان نوھڙي، عالم ڪولهي ، ناگجي ڪولهي سميت ڪولهي برادري جي معززن ٻين پاران پھلوانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا ۽ روڪ انعام ڏنا، جڏهن تہ گذريل رات ڪانوڙي جي جنم جي رات هجڻ سبب راڳ رنگ جي محفل موسيقي پڻ رکي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن ۽ مقامي فنڪارن فن جو مظاهرو ڪري خوب داد وصول ڪيا