پٿورو (ن پ ا) پٿوري جي يوسي طالب الموليٰ ۽ ستڙيو جي مختلف ڳوٺن قمرالدين گھيلڙو، ماھي گھيلڙو، ايوب گھيلڙو، شير محمد گھيلڙو، ھاشم گھيلڙو ۽ ٻين رھواسي متاثرن سھائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي طلت گھيلڙو، لالجي ڪولھي، تماچي ڪولھي، سومجي ڪولھي، روجي ڪولھي ۽ ٻين  چيو ته برساتي پاڻي ۾ ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، هنن چيو ته روڊن جي ڪنارن تي بي يارو مددگار ويٺل آھيون، پر ڪنهن  به  چونڊيل نمائندي سار ناھي لڌي، هنن چيو ته سندن ٻچا فاقهڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي،