پٿورو(ن پ ا) پٿورو کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ ۽ پٿورو شھر جي تلائن کي پاڻي فراھم ڪندڙ کاھي شاخ جي ٽيل ۾ گذريل چار مھينن کان پاڻي نه پھچڻ ڪري ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي چيئرمين آصف حسين شورو جي اڳواڻي ۾ پٿورو جي شھرين پاران شٽر بند ھڙتال ڪري ريلي ڪڍي ويئي ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۽ مظاهري ۽ سيٺ ڀواني شڪر، رامچند کتري، لوڻو مل راٺي، حافظ شاھد رسول، اعجاز آريسر سميت شھرين سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پٿورو پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي. مظاھرو ڪندڙن چيو ته کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ کاھي شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري پٿورو جا واٽر سپلاءَ تلاءَ مڪمل سڪي چڪا آھن، جنهن جي ڪري شھرين کي گذريل 15 ڏينهن  کان پاڻي جي سپلاءِ مڪمل بند آهي، جنهن  سبب شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِٔ دربدر ٿي رھيا آهن. ھنن جو چوڻ ھو ته ايريگيشن عملدار ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايڪسيئن ٿر ڊويزن ۽ ايس ڊي او کپرو ڪئنال جي ملي ڀگت سان کاھي شاخ جي منڊ ۾ با اثر زميندارن جا واٽر ٽٽل ۽ پائپ لڳا پيا آھن، عملدار ھنن جون سو سيڪڙو زمينون آباد ڪري رھيا آهن، منڊ ۾ پاڻي جو وڪرو جاري آھي ۽ پڇڙي ۾ واري اڏامي رهي آهي، شھر سميت ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، انسان، مويشي، پکي اڃ وگھي مري رھيا آهن، پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي ۽ تڪ جا چونڊيل نمائندا  ووٽ وٺي مسلسل غائب آهن. پٿورو واسين چتاءُ ڏيندي چيو آهي  ته  شام تائين کاهي شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي نه  پھتو ته ٻئي  ڏينهن  ڪاروبار بند  رکي ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.