پٿورو ( ن پ  ا )پٿوري  ڀرسان شادي پلي ٿاڻي حد ڳوٺ محمد مري  ۾ پاڻي جي واري تان جيھڙو ٿيڻ ڪري 3 ڄڻا قتل 4 ڄڻا زخمي، پاڻي جي واري تان غلام مصطفي ڏاھري جي ماڻهن ۽ مري برادري ۾ پاڻي جي واري تان  جھيڙو ٿي پيو فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ 4 ڄڻا سخت زخمي، ھي واقعو شادي پلي ٿاڻي جي حد سائينداد اسٽيشن ڀرسان ڏاھري فارم جي عملي  ۽ مري برادري جي ماڻهن وچ ۾ پاڻي جي واري تان پيش آيو،  فائرنگ جي نتيجي ۾  غلام مصطفي ڏاھري جو ڊرائيور محبوب مري گولي لڳڻ سبب تڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته غلام مصطفي ڏاھري جو ڪمدار بچابند جو رھواسي راڻو خان شر ۽ سندس پٽ  وزير  شر سخت زخمي ٿي پيا،  جڏهن ته زخمين  ۽ فوتي جو لاش  تعلقا اسپتال پٿورو منتقل ڪيو ويو، جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي راڻو شر زخمن جا سور نه  سھندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سامھون واري ڌر جو ھڪ ڄڻو ولي مري قتل ۽ ٽي ڄڻا  اميد علي، قائم الدين، اڪبر سخت زخمي ٿيا جن کي رورل ھيلٿ سينٽر شادي پلي منتقل ڪيو ويو، ٻي پاسي پاڻي جي واري تان قتل عام  ٿيڻ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي. رابطي تي  غلام مصطفي ڏاھري جو چوڻ ھو ته  ولي مري وارا پاڻي ڇوري  ڪندا ٽي ڏينهن  اڳ شاڌي پلي ٿاڻي پاڻي چوري اين سي داخل ڪرائي  ان کان بعد منهنجا ماڻهو  چوري ڪندڙ  جي چانچ لا۽ پينٽرولنگ ڪري رھيا ھئا ته  سامهون  مورچا بند ٿيل مري برادري جي ماڻهن  فائرنگ ڪري منهنجي  ڊرائيور محبوب مري ۽ منهنجي  منيجر راڻو کي قتل ڪري ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار جڏهن  ته  جوابي فائرنگ مري برادري جو ھڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، فوتي ولي محمد جي ڀا۽ جو چوڻ ھو ته ڏاھرين جي ماڻهن  اسان جي گھرن ٿي ھٿيار سان حملو ڪري منهنجي  ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي  پٽن ڀائيٽن کي زخمي ڪيو آهي اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، ٻي پاسي شادي پلي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل ورتا، واقعي جو اڃا ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ڪا گرفتاري عمل م آئي هئي.