پٿورو(رپورٽ: اقبال نهڙي) پٿورو ويجھو ڳوٺ سومجي ميگھواڙ ۾ ڊاڪٽر سومجي ميگھواڙ جي مال جي واڙي کي اچانڪ خوفناڪ باھ لڳي وئي، تيز ھوائن سبب ڏسندي ئي ڏسندي باھ مال جي واڙي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي چڏيو، نتيجي ۾ 40 ٻڪرين سميت 3 پاڏيون موقعي تي سڙي ڪوئلو ٿي ويون، جنھن ڪري ڀاڳئي کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته اطلاع باجود فائربرگيڊ عملو نه پهچڻ سبب ڳوٺاڻڻ پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو، ان ڏس ۾ ڀاڳئي ڊاڪٽر سومجي ميگھواڙ ٻڌايو ته ڪنھن سان به دشمني ناھي، باهه سبب وڏو نقصان پھتو آھي. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نقصان جو ازالو ڪيو وڃي، ٻي طرف علائقي ۾ چئو ٻول آهن ته نامعلوم ماڻھن ماکي لاھڻ لاءِ دونهين دکائي هئي جنهن مان باهه لڳي آهي.