پٿورو  ( ن پ ا ) غلام نبي شاهه ۾ بااثر شخص ۽ پوليس خلاف ڪولهي برادري جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهه، خبر موجب ڪولھي برادري جي عورتن ۽ مردن ٽيڪم ڪولھي، دنجي ڪولھي، والم ڪولھي، شيرو ڀيل ۽ مارو ڀيل جي اڳواڻي ۾ عمرڪوٽ روڊ تي ٽائر ساڙي 2 ڪلاڪ  ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ڪولھي برادري جي ماڻھن الزام ھڻندي چيو ته بااثر شخص عبدالرزاق سومرو اسان جي گهرن تي بلاجواز پوليس موڪلي اسان جي نينگر ٽيڪم عورتن تي وهشياڻو تشدد ڪرايو آهي، ايس ايڇ او کي هٽائي رزاق سومرو خلاف قدم نه کنيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين.