پٿورو(رپورث: اقبال نهڙي) کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ ۽ پٿورو کي پاڻي فراھم ڪندڙ کاھي شاخ جي ٽيل ۾ گذريل چار مھينن کان پاڻي نه پھچڻ ڪري ٻئي ڏينهن تي به ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي چيئرمين آصف حسين ڇورو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن ۽ شھرين پاران شٽربند ھڙتال ڪري ريلي ڪڍي، ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بچاءُ بـند اسٽاپ مين چوڪ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، 5 ڪلاڪ ڌرڻي سبب پٿورو عمرڪوٽ کان ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽريئفڪ معطل ٿي وئي. روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون، مظاهرين ڌرڻي ۾ جمعو نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي آصف حسين ڇورو، لوڻو مل راٺي، سيد ذوالفقار علي شاهه لڪياري، مولانا اسد چانھيون، اعجاز آريسر سميت بين جو چوڻ ھو ته کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ کاھي شاخ جي ٽيل ۾گذريل چار مھينن کان پاڻي نه پھچڻ ڪري پٿورو جا واٽر سپلاءِ تلاءَ سڪي ويا آھن. جنهن ڪري پٿورو شھر ۾ گذريل 15 ڏينهن کان پاڻي جي سپلاءِ مڪمل بند آھي. شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن. پٿورو شھر ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري شھري سراپا احتجاج بڻيل آھن. پٿورو شھر جا رھواسي ھڪ پاڻي جي ھڪ ڍڪ لاءِ تڙپي رھيا آهن. منڍ جا آبادگار ايريگشن عملدارن جي ملي ڀگت سان سريعام پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، ھنن جا واٽر ڪورس ٽٽل آهن. پائپ لڳل آھن، اسان وٺ چئن مھينـن کان پيئڻ جو پاڻي ناھي اسان پنهنجو ڪاروبار بند ڪري پاڻي جي تلاش م ڀٽڪي رھيا آھيون. ڪير به اسان جي دانھن ٻڌڻ لاء تيار ناھي. تڪ جا چونڊيل نمائندا خبر نه آهي ڪٿي غائب آهن، ايڪسيئن شان ملاح ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو سنجي ڪمار ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون، پڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن کاھي شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي نه پھتو ته ٻيھر شٽر بند ھڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.