پٿورو (ن پ ا ) پير پٿورو جي ميلي جي ٻئي ڏينھن گھوڙن جي ڊوڙ جا فائنل مقابلا ٿي گذريا جنھن ۾  ملھار ملڪا ڻي جي شھزادي، محمد خان جوڻيجو جي سدابھار، ارباب امان الله جي ملنگ، ڏاڏو ھاليپوٽو جي جادو گھوڙي فائينل مقابلا کٽي خوب داد حاصل ڪيو. جڏھن ته ميلي جي ٻئي ڏينھن ملاکڙي ۾ ملھ پھلوانن پاران پڻ مقابلا ڪيا ويا جنھن ۾ پھرين جوڙ جي انور ھاليپوٽو، ملوڪ کوسو، ٻئي جوڙ جي ڪي ٽي اين ۽ ٽئين جوڙ جي غلام فريد شاھڻي مقابلا کٽي خوب داد حاصل ڪيو مقابلا کٽيندڙ ملھ پھلوانن کي شوقينن پاران خوب داد ۽ روڪ انعام ڏنا ويا. پير پٿورو جو ميلي جو ٽي ڏينھن ملاکڙو جاري رھندو.