پٿورو ( ن پ ا ) پٿورو ڀرسان کاھي ٿاڻي جي حد م موڙو ڪولھي اسٽاپ تي منشيات جي سر عام جي وڪري خلاف ڳوٺاڻن شير محمد نوھڙي ، ھريو ڪولھي ، بصر ڪنڀار ، ھاليو ڪولھي ، ٻين ڳوٺاڻن منشيات جي سرعام ويڪري خلاف احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته اسان جي اسٽاپ تي ڪچو شراب نشي وارين پڙين گٽڪو چرس ۽ ٻي منشيات جي سرعام ھلڻ ڪري اسان جو نوجوان نسل تباھي جي ڪناري تي پھچي رھيو آهي ھن اسٽاپ تي منشيات فروشن محفوظ ٺڪاڻو ٺاھي ڇڏيو آهي جتي ڪچو شراب ڪٽن جا ڪٽا سري عام ھلي رھيو جڏهن ته ھن اسٽاپ تي منشيات جي ڊيلرن پاران منشيات نشي واريون پڙيون آداب زيڊ گولڊ سفينا ۽ ٻيون نشي واريون پڙيون گٽڪو ٻين شهرن پٿورو گرھوڙشريف کاھي۽ اس پاس جي ڳوٺن ۾ منتقل ڪيو وڃي و جنھن سبب اسان جا اسڪولي ٻار عورتون به ھن نشي جا عادي ٿي رھيان آهن اسان ايس ايس پي سانگھڙ ڊي آءِ جي نواب شاهه، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪندي گھر ٿا ڪريون ته اسان جي اسٽاپ تي ھنلدڙ منشيات خلاف سخت ڪارروائي ڪري نوجوان نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.