پٿورو: پٿورو تعلقي ۾ ٻھراڙين جي  رھندڙ اڪثر  ماڻهن  جو گذر سفر زراعت ۽ چوپائي مال  تي آهي پر ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل  لائيو اسٽاڪ جي اسپتال گذريل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي  جنهن  جو  عملو گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳو  تعلقي پٿوري جي مالوندن اڪبر لغاري امجد ڪولاچي رئيس رانا خان ٻين پنهنجي  اخبار  سان ڳالھائيندي چيو  پٿوري شھر ۾ جانورن جي اسپتال ڪيترن سالن کان بند پيل آهي، عملو گھر ويٺي پگھار کڻي رھيو آهي، ايندڙ دوائون پرائيوٽ اسٽورن تي وڪرو ٿين ٿيون اسان جي چوپائي مال ۾  ٿيندڙ موذي مرضن جي وقت تي ويڪسين نه  ٿيڻ سبب اسان جو ڪروڙين رپين جا جانور مري وڃن ٿا.