پٿورو (ن پ ا)  پٿورو ۽  ڀرپاسي جي نوجوانن  جي راندين لاءِ ڪوبه سرڪاري گرائونڊ نه ھجڻ ڪري هتان جا نوجوان سخت مايوسي جو شڪار آهن  جنهن  سبب اڪثر نوجوان سماجي  برائين  نشي وارين شين جا  عادي ٿي ويا آهن، پٿورو جي نوجوانن محمد ابراھيم راھمون، ساجد ڪنڀر، عطا شيخ، آفتاب نھڙيو ۽ ٻين   پنهنجي  اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي تعلقي ۾ راندين لاءِ ڪٿي سرڪاري گرائونڊ نه  ھجڻ ڪري اسان  مجبورن فٽ پاٿ ۽ ذاتي خالي پيل پلاٽن تي راند روند ڪرڻ تي مجبور آھيون، جنهن  سب اڪثر جيھڙا روز جو معمول بڻيل آهن اسان تڪ جي چونڊيل نمائندن کي بار بار راندين جي گرائونڊ لاءِ اپيل ڪئي  پر ھنن اسان جي اپيل کي ڪڏهن به سنجيدا نه ورتو ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته  گرائونڊ نه ھجڻ جي ڪري نوجوان راندين بجائي سماجي براين ڏانهن وڌي رھيان آهن  جنهن  سبب اسان جي علائقي جو ماحول ويتر خراب ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته پٿورو شهر جي عوام جي  تفريحي لاءِ قائم ڪيل سورھيه بادشاهه  پبلڪ پارڪ ۽ ڪميونٽي حال به ڪيترن سالن کان عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آھن، جنهن  ڏانهن تڪ جي نمائندن ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو، علائقي واسي تفريح کان به محروم بڻيل آهن.