پٿورو(ن پ ا) پٿورو ڀرسان شادي پلي ٿاڻي جي حد ڏاھري ۽ مري برادري جي جي جهيڙي دوران قتل ڪيل 3 ڄڻن جي قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيڻ واري واقعي جا ڌار ڌار ڪيس داخل، ڳوٺ مراد مري ۾ پاڻي جي واري تان ڏاھري ڌر جي محبوب مري ۽ مئنيجر راڻو خان شر ۽ مري ڌر جو ولي محمد مري قتل ٿيو ھيو، شادي پلي ٿاڻي تي پهچي ٻنهي ڌرين الڳ الڳ ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن، ڏاھري ڌر جي فريادي گل خان پٽ راڻو خان شر جي فرياد تي مولابخش مري، ولي محمد مري، محمد مراد مري.، الھداد مري، خميسو مري، وليداد مري ولد حضور بخش مري ۽ عطا محمد ولد خان محمد مري، مير محمد، خان محمد سميت 3 نامعلوم جوابدارن سميت 12 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته مري ڌر جي فريادي بخش علي ولد مولا بخش مري جي فرياد تي غلام مصطفيٰ ڏاھري، گل خان، شھزاد ولد غلام مصطفيٰ ڏاھري، خير محمد عرف خيرو ولد اڪرم شر ۽ غلام محمد شر ۽ 2 اڻڄاتلن سميت 7 خوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڇڪتاڻ واري ماحول سبب ٻنھي ڌرين جا الڳ الڳ وقتن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شادي پلي انوار قائمخاني جو چوڻ ھيو ته ٻنھي ڌرين جا فريادي پنھنجي مرضي سان ڪيس داخل ڪرايا آھن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي رھيا آھيون، اڃان ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناھي اچي سگھي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.