پٿورو ويجھو ٻني مان پورهيت جو ڪهاڙيون لڳل لاش ھٿ، قتل جو شڪ ظاهر

0
20
پٿورو ويجھو ٻني مان پورهيت جو ڪهاڙيون لڳل لاش ھٿ، قتل جو شڪ ظاهر
پٿورو ويجھو ٻني مان پورهيت جو ڪهاڙيون لڳل لاش ھٿ، قتل جو شڪ ظاهر

ڍورونارو(ن پ ا) پٿورو ويجھو غلام نبي شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مگھن منڱريو جي رھواسي شير پٽ لونگ سولنگي جو ٻني مان ڪهاڙيون لڳل لاش ھٿ ڳوٺاڻن پاران پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال پٿورو منتقل ڪيو جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن پاران قتل جو شڪ ظاھر ڪندي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي همراهه کي شام جو سندس ڳوٺ ۾ رھندڙ هڪ شخص سڏ ڪري وٺي ويو جڏهن اسان  ڳولا ڪئي ته لاش واٽر ۾ پيل ھو اسان کي شق آھي ته قتل ڪيو ويو آھي معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي، رابطي تي غلام نبي شاھ پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪيون پيا لاش پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، وڌيڪ جاچ بعد ئي ڪجهه ٻڌائي سگهون ٿا، وارثن ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن پهتا، آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويو ويندو.