پٿورو (ن پ ا) پٿوري ڀرسان کاھي ٿاڻي جي حد موڙو ڪولهي جي رهواسين پوليس جي زيادتين ۽ پوليس جي مبينا نگراني ۾ منشيات جي وڪري خلاف موڙو ڪولھي اسٽاپ جي شٽر بند هڙتال ڪري غلانبي شاهه –گرھوڙ شريف روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اجبو ڪولهي، شير محمد نهڙي، نور محمد نهڙي، جگسي ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته کاھي ٿاڻي جي حد موڙو ڪولھي اسٽاپ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس جي نگراني ۾ منشيات کلي عام هلي رهي آهي، نوجوانن سميت معصوم ٻارڙا منشيات واپرائي رهيا آهن، هنن چيو ته رات دير سان پوليس منشيات فروشن جي چرچ تي پوليس اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪئي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي نواب شاھه ۽ وس وارن کي مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن جي ساٿياري بڻيل پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.