پٿورو ( ن پ ا ) پٿورو جي  ڳوٺ محمد صديق ابڙو جي رھواسين  جو  پٿورو پوليس جي زيادتين خلاف پٿورو  پريس ڪلب  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، حاجي مصعود ابڙو، بلاول ابڙو،حاجي نھڙي ۽ ٻين چيو ته پٿورو پوليس بنا جواز  منشيات جي آڙ وٺي اسان جي گھرن ۾ داخل تي اسان جي نوجوانن کي بي گناهه کنڀي کڻي مٿس منشيات جا ڪوڙا  ڪيس داخل ڪري رهي  آھي، جڏهن ته سموري پٿورو تعلقي ۾ ڳري منٿلي عيوض پٿوري شهر سميت سموري تعلقي م  منشيات جا ڊيلر سرعام منشيات وڪرو ڪري رھيا آھن. پٿورو پوليس انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ  غريب پورھيتن کي بي گناهه گرفتار ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بالا آفيسرن اڳيا سرخرو ٿيڻ م رڌل آھن