پٿر جي دور ۾ جيئندڙ چوهڙ جماليءَ جا ڳوٺ

0
23

چوهڙ جمالي شھر جيڪو ملڪ سميت سنڌ جي پوڇڙ ۽ ساحلي پٽي وارو شھر آھي، جيڪو سجاول ضلعي جو واپاري مرڪز پڻ آھي پر جڏهن ڳالھ بنيادي سهولتن جي ٿيندي ته هي شھر يا ان شھر جا ڳوٺ توهان کي تمام گهڻو پٺتي نظر ايندا. نئين بلدياتي نظام جي نئين تڪ بندين کانپوءِ يونين ڪائونسل چوهڙ جمالي کي ختم ڪري يوسي چوهڙ جمالي جي سمورن ڳوٺن کي ٽائون ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آھي. ٽائون ڪميٽي ۾ شامل سمورن ڳوٺن ۾ زندگي جي ڪابه سهولت موجود ناهي، جنهن جي ڪري انهن ڳوٺن جا ماڻھو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

                 چوهڙ جمالي شھر جي ڀر ۾ ڪچي وارو علائقو جنهن جي وچ ۾ صرف دڙو بئراج آھي. دڙو بئراج جي ڪنڌي تي پاڪ نيوي جي ڪئمپ قائم ٿيل آهي ۽ دڙو بئراج جي ٻئي طرف ڪيترائي ڳوٺ جن ۾ ڳوٺ حسين ڪونجائي، منٺار سمون. محمد داد، حيدر چانڊيو، خدا بخش خاصخيلي، عبدالله شيخ سميت 15 کان وڌيڪ ڳوٺ آباد آھن پر انهن ڳوٺن ۾ ڪابه سهولت ميسر ناهي. ڄاڻايل ڳوٺن ۾ روڊ رستن سميت صحت ۽ بجلي جي ڪابه سهولت موجود ناهي. ايستائين جو هنن ڳوٺن جا رهواسي دڙو بئراج جي آر ڊي 72 وٽان پل نه هجڻ ڪري انهن کي پنهنجي پيارن جا جنازا به تختي نما ٻيڙي تان اڪارڻا پون ٿا. جيتوڻيڪ اهي ڳوٺ ٽائون ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود به شھري سهولتن کان محروم آھن. هتان جي چونڊيل نمائندن ان طرف ڪوبه ڌيان ڏنو ناهي .

اتان جي ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ پيرسن ڪانڍيرو ڪونجائي جو جنازو دڙو بئراج جي آر ڊي 72 وٽان پل نه هجڻ ڪري ٿرما ڪول جي دڦن ذريعي بئراج تان اڪاريو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٿرٿلو مچي ويو. ڳوٺاڻن علي ڪونجائي، عرس ڪونجائي، اسحاق ڪونجائي، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان هر ڀيري ائين ئي پنهنجن پيارن جا جنازا اتان ئي گذاريندا آھيون. تمام گهڻي تڪليف کي منهن ڏيئي رهيا آھيون پر ڪير به اسان جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اڳ به اسان جي ڳوٺ مان کنيل هڪ جنازي جي ائين وڊيو هلي هئي، تڏهن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي پل جي منظوري ڏني هئي، جنهن کي پڻ 6 سال جو عرصو گذري ويو آھي پر الائي ڇو اها پل نه ٺھي سگهي. اسين اڄ به انهيءَ عذاب ۾ مبتلا آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته کين پل سميت زندگي جون ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.

ساڳي پل آر ڊي 72 تان 2018 ۾ 6 سال اڳ سومار ڪونجائي جو جنازو تختي نما ٿرما ڪول تان اڪاريو ويو ۽ بعد ۾ ڪانڌين ۽ ٻين ڳوٺاڻن کي برانچ پار ڪرايو ويو. جنهن کانپوءِ اھڙي وڊيو سوشل ميڍيا تي وائرل ٿيڻ بعد وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو ۽ ھڪ ٽيم پڻ پھتي ھئي. جنهن پل جي ماپ ڪري ڳوڻاڻن کي خاطري ڪرائي هئي ته جلد پل جو تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن کي ھڪ سال گذري ويو، پر پل جو ڪم شروع نه ٿيو. ساڳئي ڳوٺ حسين ڪونجائي ۾ 2019 ۾ 4 ورھين جي نينگري شھزادي بيماري سبب فوت ٿي وئي ھئي، جنهن جو جنازو پڻ ٿرما ڪول تختي نما ٻيڙي ذريعي اڪاريو ويو ھو، جنهن جي پڻ وڊيو سوشل ميڍيا تي وائرل ٿي هئي. پر ھيل تائين پل تعمير نه ٿي سگهي آهي. ڳوٺاڻن پل نه تعمير ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي  ڳوٺ کي ڪا به بنيادي سھولت ميسر ناھي، بجلي، صاف پاڻي سميت ڪنھن به قسم جي سھولت ناھي ڏني وئي. اسان ھن جديد دؤر ۾ به جنازا مقام تائين پھچائڻ لاءِ به روڊ نه ھجڻ ڪري دڙو برانچ جي آر ڊي 72 کان ٿرما ڪول تي رکي اڪاريون ٿا. ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن.

جنازي کي تختي نما ٻيڙي تان اڪارڻ واري وڊيو پ پ پ جي سنڌ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ ۾ ترقي جا راڳ آلاپيندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي ڪارڪردگي کي سهولتن کان وانجهيل چوهڙ جمالي جي ڳوٺن وائکو ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌ ڪيتري قدر ترقي طرف گامزن آھي ۽ سنڌ جا ماڻهو پ پ پ حڪومت پاران مليل نعمتن مان ڪيترا سکيا ستابا آھن. ڳوٺ حسين ڪونجائي مان هر ڀيري جنازن جي ائين وڊيو وائرل ٿيڻ جي باوجود وقت جي حڪمرانن جي ڪن تي ڪابه جونءِ نٿي سري، نه وري هتان جي چونڊيل نمائندن هن طرف سنجيدگي سان ڪو ڌيان ڏنو آھي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي پنهنجو واعدو وفا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنن ڳوٺن جا ماڻھو پنهنجي پيارن جا جنازا ته گهٽ ۾ گهٽ سڪون ۽ آساني سان قبرستان ڀيڙا ڪري سگهن. ٻيون سهولتون ته هونئن به انهن جي نصيب ۾ ناهن. گهٽ ۾ گهٽ انهن ڳوٺاڻن کي اها پل ته ٺھرائي ڏني وڃي.