حيدرآباد: ميهڙ جي ڳوٺ قاضي عارف جي رهواسڻ وزيران کوسو زال غلام رسول عرف گل کوسو پٽ جي پوسٽ مارٽم دوران سول اسپتال ۾ بي حال بڻجي زميندار ۽ سندس زال کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي رهي وزيران کوسو موجب ته شيدي ڳوٺ واري علائقي ۾ قائم زميندار برڪت ڀرٽ وٽ سندن نينگر رشيد 3 سالن کان بنگلي تي ملازم هو جتي هو گهر جي ڪم ڪار کان علاوه ٻاهران ڀاڄي توڙي ٻيو سامان وٺي ڏيڻ سان گڏ سندن ننڍن ٻارن کي راند به ڪرائيندو هو زميندار رڳو کيس 5 هزار رپيا مهيني جي پگهار ادا ڪندو هو ۽ موڪل به رڳو کيس عيد وارن ڏهاڙن ۾ ملندي هئي هن اهو به الزام هنيو ته رشيد جڏهن ڳوٺ ملڻ لاءِ ايندو هو تڏهن کين ٻڌائيندو هو ته کيس زميندار جي زال معمولي ڳالهين تي هيسائي مٿس تشدد ڪندي آهي