خيرپور ناٿن شاهه: خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پيءُ ٻڌايو ته منهنجو پٽ گل حسن هوٽل تي مزدوري ڪندو هيو ٻه سال اڳ ان کي موٽر سائيڪل سوار ٽڪر هڻي ڄنگه ڀڃي ڇڏي جنهن کي ڄنگه ۾ راڊون پيل هيون. هن ٻڌايو ٻوڏ دوران منهنجي پٽ گل حسن جي گهر واري لڏ پلاڻ دوران بيمار ٿي فوت ٿي وئي اسان جا گهر مڪمل ڊهي ويا اڄ به مان ٻچن سميت ٽينٽ ۾ رهان ٿو سخت سرديون آهن رات جو ڏاڍا پريشان ٿيندا آهيون غربت سبب  پٽ جي ڄنگه جو وڌيڪ علاج ڪرائي نه سگهيس پئسا نه هيا ان کي حيدرآباد ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچان ها مان گڏه گاڏي تي ڪمند زيتون نارگيون ڪتل ميٽ کڻي ڳوٺ ڳوٺ وڃي کپائي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهيان، ڏاڍي ڏکي زندگي گذري رهي آهي هاڻي نوجوان پٽ خودڪشي ڪري اسان زال مڙس کي ٻيڻا سور ڏئي ويو منهنجي زال پٽ جي وڇوڙي تي روئي روئي حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن مان ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان پر زور مطالبو ٿو ڪريان ته ڊوائيس هولڊر خلاف ڪاروائي ڪري مون مسڪين سان انصاف ڪيو وڃي.