ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو جي ڪرسچن ڪالوني جي رهواسي پنهنجي گھر واري سان گڏ پريس ڪلب پهچي پٽ جي تشدد ۽ ان جي ڏاڍاين کان تنگ ٿي لاتعلقي جو اظهار ڪندي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي . ان ڏس ۾ ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني جي رهواسي عنايت مسيح پنهنجي گھر واري ممتاز مسيح سان گڏ پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته سندن پٽ امروز مسح جيئن جنجال بڻائي ڇڏيو آهي هنن چيو ته هو نشي واري حالت ۾ کين سخت نه رڳو تشدد جو نشانو بڻائي ٿو پر سندن جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هنن ڪيترائي ڀيرا پوليس کي سندن پٽ جي وڌنڌڙ ڏاڍاين خلاف شڪايتون ڪيون آهن پر پوليس ان خالف ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته کين سندن پٽ مان جان جو خطرو آهي، هنن پنهنجي پٽ امروز مسيح کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي وس وارن کان گھر ڪئي آهي ته کين پٽ جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي ته جيئڻ هو پنهنجو آخري وقت سڪون سان گذاري سگھن.