قصبو ( ن پ ا ) ڪاڇي جي  ڳوٺ مانجهي لئو جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر نه ھجڻ ڪري ٻارڙا پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته  اسڪول ۾ فرنيچر سميت ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ٻارن کي ڪتاب به ناهن مليا. شاگردن ٻڌايو ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آھيون