اڄ پوري سنڌ جي ڌرتي پاڻيء جي مسئلي تي صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ حڪومت جي ويساه گهاتين خلاف ٽامو بڻيل آهي، ماڻهن جي اندر جا اڌما حڪمرانن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرن تنقيد مان پسي سگهجن ٿا۔ هر شهر، هر گهٽي مان سنڌوء تي ڌاڙو نا منظور، جي فلڪ شگاف آوازن، ماحول ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو آهي، هر هنڌان نڪرندڙ هجوم جلسن ۽ جلوسن جي صورت وٺي رهيا آهن۔ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند آهن، جتي سنڌ جي وڪيلن ۽ سنڌ دوست سياسي ڌرين جي جوانمردي، بيباڪي دليري ۽ همتن جي تاريخ لکجي رهي آهي۔ جنهن ڌرڻي ۾ وڪيلن کان سواءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مرد عورتن ۽ ٻارن جا قافلا لاڳيتو شريڪ ٿي رهيا آهن۔ هڪ مسڪين کان مالوند ماڻهوءَ تائين پاڙيسرين پاران نٽهڻ اس ۾ ويٺلن لاءِ ماني ۽ بسترن جا بندوبست ٿي رهيا آهن۔ هي ماڻهن جا ميڙا ڪنهن هڪ پارٽيء جي سڏ تي گڏ ڪونه پيا ٿين پر اهو گڏيل درد جو ميلاپ آهي۔
پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن
ٻيون هنئين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون
هي درد پنهنجي وجود جو درد آهي، پنهنجي جياپي جو درد آهي، هي پنهنجي نسلن جي حيات ۽ بقا جو درد آهي۔ اڳي چوندا هئا ته سياسي تحريڪن ۾ مذهبي ڌريون ڌار هونديون آهن مگر هن تحريڪ ۾ هندو به آهن ته مسلمان به آهن۔ عيسائي به آهن ته برهمڻ به آهن۔ سني به آهن ته علمِ عباس کڻي شيعا به پڙ ۾ خيما کوڙي ويٺا آهن۔ نوجوان سبيلون لڳائي ڪربلا جي اڃين جي نالي تي ايندڙن کي پاڻي پياري رهيا آهن۔
وفاق پاران سنڌوءَ مان ڇھ ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ وارو منصوبو ڪنهن به لحاظ کان ڪنهن به ريت قابل قبول نه آهي۔ پاڻي بند ڪرڻ انٽرنيشنل ڪرائيم آهي، اڄ حڪمران سنڌ ڌرتيء جي حقن سان کنئوس ڪري، سنڌوءَ تي پهرا لڳائي، سنڌين جو پاڻي بند ڪري، سنڌ ڌرتيءَ کي ريگستان بنائي، کانئن جيئڻ جو حق ڦري، صدين تي محيط ڦٽڪار جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ تيار ٿيا بيٺا آهن۔ ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي سنڌ سان ويساه گهاتي ڪرڻ جي عادي آهي، صدر زرداري پاران اهو ڇھ ڪئنالز جي منظوريءَ وارو فيصلو ڪو اوچتو يا ڀل ۾ ڪونه ٿيو آهي، پر انهن جو ماضي گواه آهي ته ٻٽو نظام ڏيئي سنڌ کي اڌو اڌ ڪرڻ جو فيصلو به انهن ئي ڪيو هو ۽ انهن جي وزيرن ان تي فخر ڪري وڏيون پريس ڪانفرنسون ڪيون هيون، پوءِ جڏهن سنڌ جي جوڌن جوانن، ماين مردن ۽ ٻارن قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي گهرن تي دانگيون ۽ توا وڃي ٽنگيا، رستن تي سندن بيضن ۽ ٽماٽن سان استقبال ڪيا ويا، ڪيترو وقت ته اهي گهرن کان ٻاهر ڪونه ٿي نڪتا، پوء ماڻهن جي مزاحمت مجبورن فيصلو واپس ورتائون. پوءِ وري ٻيٽ وڪيائون. ان ۾ به عوامي مزاحمت سامهون آئي ۽ ماڻهن جي ڪاوڙ کنيائون۔ ڪالا باغ ڊئم واري معاملي ۾ به جڏهن پ پ پ اقتدار ۾ هوندي هئي ته ڊئم لاءِ بجيٽ ۾ رقمون رکندي هئي ۽ جڏهن مخالف بينچن تي ويهندا هئا ته ڪمون شهيد سميت مختلف علائقن ۾ ڌرڻا هڻي، جلسا ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائيندا هئا۔ هاڻي وري ڪئنالن جو فيصلو به سندن انهن ويساهه گهاتين جو تسلسل آهي، مگر هن ڀيري انهن جي توقع کان قصو گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي۔ وڏو وزير مراد علي شاه، پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ۽ وفاقي وزير خورشيد شاه جي چيڙائيندڙ ٻوليءَ، دڙڪن ۽ داٻن واري لهجي کي هاڻي ماڻهو ڪنهن ليکي ۾ ڪونه ٿا آڻين، هاڻي ته بس هر ڪنهن وات وائي آهي ته، “جهيڙو آهي ته پوءِ جهيڙو آهي”.
هي پري پري کان ايندڙ قافلا جن ۾ عورتون، مرد ۽ ٻار هن گرمي ۽ لڪ ۾ رڪ بڻيل آهن، انهن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هو ته ،
هي ماڻهو وھ جا ڍٗڪ ٿيا،
جيئن لڪ لڳي تيئن رڪ ٿيا
اڄ آزاديءَ جي نعرن سان
سڀ درد ويا دلگيرن جا
هن وقت سنڌ بدلجي ويئي آهي، سنڌ جي هر ننڊي وڏي جي اکين ۾ رت جي ڳاڙهاڻ آهي۔ هن انقلاب کي جيڪڏهن معمولي سمجهي نظرانداز ڪيو ويو ته اها تاريخ جي وڏي غلطي هوندي۔ جنهن جو بدل ٿي ڪونه سگهندو۔