پُراڻي سياست گهرجي ته وڃو شينهن تي ٺپو هڻو: بلاول ڀٽو زرداري

0
78
ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته پي ٽي آءِ، جج ۽ سياستدان محفوظ نه رهندا: بلاول ڀٽو
ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻيو ته پي ٽي آءِ، جج ۽ سياستدان محفوظ نه رهندا: بلاول ڀٽو

ساهيوال: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پُراڻي سياست گهرجي ته وڃو شينهن تي ٺپو هڻو، پر جيڪڏهن سمجهو ٿا پُراڻن سياستدانن کي گهر ويهڻ گهرجي ته تير تي ٺپو لڳايو

ساهيوال ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مونکي چار نه، هڪ دفعو موقعو گهرجي، پيپلزپارٽي کي هڪ دفعو موقعو ڏيڻو پوندو

هن چيو ته پنهنجي قسمت تبديل ڪرڻي آهي ته منهنجو ساٿ ڏيو، عوام موقعو ڏنو ته مسئلا حل ڪنداسين، نفرت ۽ ڏڦيڙ جي سياست دفن ڪرڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهيان