تونسه شريف(م ڊ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئون پي ڊي ايم جو صدر هيس، اتحاد اڃا تائين ناهي ٽٽو، ان جو سربراهه اپوزيشن ۾ آهي ۽ باقي حڪومت جو حصو آهي، ڌانڌلي ڌانلي آهي چاهي اها 2018ع يا 2024ع ۾ ٿي هجي انهن کي نٿو مڃان، تونسه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان هڪ فيصلو به اپوزيشن پارٽين جي مشوري کانسواءِ ناهي ڪيو، عوام طرفان پارليامينٽ ۾ اسان نمائندگي ڪري رهيا آهيون، قوم ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.