ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ڊي ايم بورڊ جي اجلاس ۾ اٿارٽي جي 2024-25ع جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي، بجيٽ هر ڪوارٽر ( ٽه ماهي ) ۾ هڪ اجلاس منعقد ڪرڻ بعد استعمال ڪئي ويندي، بورڊ اجلاس ۾ پي ڊي ايم اي ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي، ڪچن ملازمن جي مدي ۾ هڪ سال جو اضافو ڪندي انهن جي پگهارن ۾ به 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان 2013ع ۾ ڀرتي ڪيل 16 ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو.