اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊبليو ڊي تحت هلندڙ صوبائي منصوبن مان پنجاب جي منصوبن کي پنجاب حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ، ايندڙ هفتي ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن جا منصوبا صوبائي حڪومتن کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو تفصيل موجب رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ  اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پاڪ پي ڊبليو ڊي) جي مختلف منصوبن جي صوبن ڏانهن منتقلي جي عمل جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي مطابق اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس صوبن جي منتقلي جي عمل بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي جا پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت سمورا منصوبا ڪاميابيءَ سان پنجاب حڪومت کي منتقل ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير احسن اقبال سنڌ ۾ منصوبن جي منتقلي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ منصوبن جي منتقلي جو عمل ايندڙ پنجن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ باقي منصوبن جي منتقلي ايندڙ هفتي تائين مڪمل ڪئي وڃي.