اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ بابت حتمي قدمن ۽ قانوني پاسن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ سبب رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي ڏنو ويندڙ مالي پيڪيج انهن ماڻهن لاءِ ناهي، جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت هلندڙ منصوبن جي صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن کي منتقلي جو حتمي پلان جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. پاڪ پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ بابت سموريون حتمي تجويزون ڪابينا آڏو پيش ڪيون وڃن، وزيراعظم جي پاڪ پي ڊبليو ڊي جي مختصر مدي وارن محنتي ۽ ايماندار ماڻهن کي ٻيهر روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ عمر ۾ رعايت واري تجويز تي عمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.