ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آل ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين طرفان سنڌ اسيمبلي آڏو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو، جيڪو رات دير تائين جاري رهيو، ڌرڻي جي اڳواڻي صدر بشريٰ آرائين، فرحت سلطانه، نور فاطمه، اڪبر قاضي چيو ته ليڊي ھيلٿ ورڪرز کي پي پي ايچ آءِ حوالي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آھي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڪانٽريڪٽ تي رکيل ليڊي ھيلٿ ورڪرن کي پڪو ڪيو وڃي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن سميت سموريون مراعتون ڏنيو وڃن، شهيد راڻي پاران شروع ڪيل ايل ايچ وي پروگرام جي بيسڪ ڊزائين کي بحال ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سروس اسٽرڪچر لاڳو ڪيو وڃي، 14 سالن کان ھڪ ئي گريڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي، هوڏانهن سج لٿي ڌاري اي ڊي سي ون اسما بتول ڳالهين لاءِ پهتي پر ليڊي ھيلٿ ورڪرز احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن نعد رات دير سان صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ عملدارن پهچي ڳالهيون ڪيون، ليڊي ھيلٿ ورڪرز مطالبن جي لکت ۾ منظوري تائين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد رات دير تائين احتجاج جاري رھيو.