اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آءِ ٽي واري وزارت سينيٽ کي ٻڌايو ته پي ٽي سي ايل بورڊ ۾ سرڪاري آفيسر اظفر منظور، امداد الله ۽ جواد پال وفاقي حڪومت جا نمائندا آهن. احد خان چيما پي ٽي سي ايل بورڊ ۾ وفاقي حڪومت جو نمائندو آهي. هر ڊائريڪٽر کي بورڊ جي ميٽنگس ۾ شرڪت تي پنج هزار ڊالر ملندا آهن. اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم ڪابينا کان فيصلو ڪرايو آهي ته جيڪو پارليمان، سرڪاري آفيسر ڪنهن بورڊ ۾ ويندو ۽ اعزازيه ملي اهو حڪومتي خزاني ۾ وجهندو. لکت واري جواب ۾ آءِ ٽي واري وزارت سينيٽ کي ٻڌايو ته سرڪاري آفيسر اظفر منظور، امداد الله بوسال ۽ جواد پال پي ٽي سي ايل بورڊ ۾ وفاقي حڪومت جا نمائندا آهن. احد خان چيما پي ٽي سي ايل بورڊ ۾ وفاقي حڪومت جو نمائندو آهي. بورڊ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هر ڊائريڪٽر کي پنج هزار ڊالر ملندا آهن، چيئرمين بورڊ کي 8 هزار ۽ هر ميمبر کي هڪ هزار ملندا آهن. سعديه عباسي چيو ته احد چيما پارليامينٽ جو ميمبر آهي. پارليامينٽ جي باقي ميمبرن کي سرڪاري شعبي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ مقرر ڪيو وڃي. احد چيما ٻن بورڊز جو ميمبر آهي. احد چيما پارڪو جي بورڊ جو ميمبر پڻ آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم ڪابينا کان فيصلو ڪرايو آهي ته پارليامينٽ، سرڪاري آفيسر جيڪو به بورڊ ۾ ويندو ۽ اعزازيو حاصل ڪندو اهو سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندو. هڪ ميمبر صرف هڪ لک رپيا في سال رکي سگهندو. ٽيلي ڪام سسٽم اسٽريٽجڪ آهي ۽ پي ٽي سي ايل جي اثاثن کي سنڀالڻ حڪومت جي ذميواري آهي. سعديه عباسي چيو ته ريٽائرڊ بيورو ڪريٽس کي ادارن جو سربراهه مقرر ڪيو ويندو آهي، ڇا اهو بهتر ناهي باقي آفيسرن کي موقعو ڏنو وڃي ۽ نئين ماڻهن کي انهن عهدن جوسربراهه مقرر ڪيو وڃي. هاڻي فوجين ۽ ججز کي توسيع ڏني وئي آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪنهن به قانون تحت ڪنهن قانون سازي جي تحت فوجي يا جج کي توسيع ناهي ڏني وئي. آرمي نيوي ۽ ايئر فورس ايڪٽس ۾ ترميم سان انهن جي چيفس جي مدت کي وڌايو ويو آهي. ڪنهن قانون سازي سان ڪنهن کي ڪا توسيع ناهي ڏني وئي. نه ئي ڪنهن جج کي توسيع ڏني وئي آهي.