پي ٽي آئي خلاف آيل فيصلو ۽ سندس مستقبل

0
60
پي ٽي آئي خلاف آيل فيصلو ۽ سندس مستقبل

 اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آئي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو هڪ ڊگھي عرصي يعني اٺن سالن جي طويل جانچ پڙتال کان پوءِ آخر ڪار 2 آگسٽ 2022 تي ٻڌايو آهي. فيصلو اليڪشن ڪميٽي جي قانوني ٽي رڪني ٽيم چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان سڪندر راجا جي سربراهي ۾ صبح جو 10 وڳي ڌاري ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آئي تي غير ملڪي ممنوعه فنڊنگ جو الزام صحيح آهي هن 351 غير ملڪي ڪمپنين کان فنڊ وٺڻ سان گڏوگڏ 34 غير ملڪي شهري به آهن جن کان پي ٽي آئي فنڊ ورتا آهن، انهن 34 شهرين ۾ هڪ هندستاني روميتا شوڪو به شامل آهي جنهن پي ٽي آئي کي فنڊنگ ڪئي آهي. عارف نقوي جنهن خيراتي فنڊنگ جي لاءِ پنهنجي ڪرڪيٽ ڪمپني جي پاران ميچ ڪرايو هو اهي پيسا پي ٽي آئي جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيا جيڪو انڪشاف برطانيه جي فناشل ٽائيم جي نمائندي ڪيو. سندس ميڊيا ۾ آيل بيان مطابق هن انهن ڊونرز کان معلومات حاصل ڪئي جنهن فلاحي ميچ ۾ فنڊ ڏنا هئا، جن کي اها خبر ئي نه هئي ته اهي بيمارن ۽ مريضن جي نالي تي پيل فنڊ هڪ سياسي پارٽي يعني پي ٽي آئي جي اڪائونٽ ۾ ڏنا ويا آهن. هن وقت تائين آيل معلومات مطابق پي ٽي آئي اٺ اڪائونٽ مڃيا آهن تيرنهن اڪائونٽ جن کي بي نامي اڪائونٽ جي نالي سان سڏيو ٿو وڃي انهن کي مڃڻ جي لاءِ پي ٽي آئي جا ترجمان تيار ناهن پر انهن جي پوري ٽرانزيشن پي ٽي آئي جي اڪائونٽ ۾ ٿيندي رهي آهي ۽ انهن کي پي ٽي آئي جا اڪائونٽ ٽيم آپريٽ ڪيو آهي.

معاملو صرف ايستائين نٿو بيهي پر عمران خان اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجو حلفيه بيان جنهن کي“ فارم ون ” چيو وڃي ٿو جمع ڪرايو هو انهيءَ ۾ هن اهو حلفيه يقين ڏياريو هو ته سندس پارٽي وٽ ڪو به غير ملڪي ممنوعه فنڊ ناهي آيو نه ورتو ويو آهي ۽ نه ورتو وڃي ٿو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هي ڪيس تمام وڏي تاريخ رکندي هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو هي ڪيس داخل ڪرائيندڙ يعني درخواست ڏيندڙ ڪو ٻيو ماڻهو يا ڪو ادارو نه هو خود پي ٽي آئي جي بنيادي فائونڊر اڳواڻن ۾ شامل اڪبر ايس بابر آهي جنهن 2014ع ۾ اها درخواست ڏني ته پي ٽي آئي کي ملڪي قانون ۽ آئين جي خلاف غير ملڪي فنڊنگ مختلف ڪمپنين  ۽ فردن کان ٿي رهي آهي. جڏهن کان هي ڪيس داخل ٿيو تڏهن کان هن ڪيس کي منطقي نتيجي کان پهريان مرڪزي قيادت عمران خان  هر ممڪن  اها ڪوشش ڪئي ته ڪيس کي ايترو اينگهايو وڃي جو بيزاري ۽ بددلي پيدا ٿئي يا پسِ پردا ڪو جڳاڙ ٿي وڃي جنهن جي گواهي اليڪشن ڪمشنر جي ان بيان ۾ ملي ٿي جنهن ۾ هن پي ٽي آئي جي مرڪزي قائد يعني عمران خان تي الزام لڳائيندي چيو ته “ عمران خان ۽ سندس اعتماد وارا ماڻهو مون سان نويڪلائي ۾ ملڻ چاهين پيا مان کين اڪيلائپ ۾ ملڻ کان انڪار ڪيو ته هو اليڪشن ڪميشن جي سڀني ميمبرن جي آڏو جڏهن به چاهين ملاقات ڪري سگھن ٿا.” ڊسڪا اليڪشن جي نتيجن کان پوءِ عمران خان جو ۽ پي ٽي آئي جو پارو چڙهندو رهيو فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي اچڻ کان پهريان اها پوري ڪوشش ڪئي وئي ته اليڪشن ڪمشنر کي تمام گھڻو عوامي سطح تي متنازع بڻائيندي کيس سخت مخالف ڪري پيش ڪيو وڃي، جنهن لاءِ هن وڌندي هي  اعلان ڪيو هو ته 4 آگسٽ 2022ع تي اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي اڳيان احتجاج يا ڌرڻو هنيو ويندو. اوچتو آيل 2 آگسٽ جي فيصلي کان پوءِ “رٿون سڀ رهيون” واري ڳالھه ٿي وئي.

عمران خان معاملوصرف انهي  حد تائين نه رکيو پر هن سختي سان هي به مطالبو ڪيو هو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪئي هئي ته سندس خلاف فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻين سياسي جماعتن خاص ڪري ن ليگ ، پ پ پ، جي يو آئي ۽ ٻين جماعتن سان گڏ ڪيو وڃي. هن پنجاھه دفعا ڪورٽ ۾ درخواستون ڏنيون اسڪروٽني ڪميٽي تي اعتراض ڪيا ۽ چيو ته هي اسڪروٽني ڪميٽي ٻين جماعتن جي جاچ به گڏوگڏ هن جي فنڊنگ جي جاچ  سان ڪري جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ هڪ عام فهم سوچ وارو ماڻهو به صحيح نٿو سمجھي سگھي. جيڪڏهن ڪو ملزم ڪنهن غير قانوني ڏوھه ۾ الزام هيٺ آيل آهي ته اهو ڪيئن ٿو مطالبو ڪري سگهي ته هو پنهنجي فيصلي سان گڏوگڏ ٻين ملزمن جي فيصلن سان مشروط ڪري ته سندس خلاف فيصلو تڏهن اچي جڏهن ٻين جو به فيصلو ٿئي. اصولي طور تي اهو بلڪل ٺيڪ آهي سڀني جماعتن جي پارٽي فنڊن جي جاچ ٿئي ۽ عوام جي اڳيان اچي پر هڪ ٻئي تي الزام لڳائي پنهنجي معاملي کي اينگهائڻ جي ڪوشش ٻڌائي ٿي ته معاملو ڪيترو معنيٰ رکي ٿو. هن وقت اهو ئي ٿيو پاڪستان جي قانون مطابق هڪ وڏي پارٽي ۽ ليڊر جي لاءِ اليڪشن ڪميشن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ شايد ممڪن نه هو ته هو  ان ڏوھه تي  پارٽي تي پابندي لڳائي ۽ سندس ليڊر عمران خان تي آئين جي آرٽيڪل 63 اي مطابق بد ديانت ۽ ڪوڙو چوندي سڄي عمر  لاءِ نااهل قرار ڏئي. اليڪشن ڪميشن فيصلي ٻڌائڻ کان پوءِ پي ٽي آئي کي هڪ قانوني نوٽيس جاري ڪيو آهي ته هو ان جو جواب ڏين ۽ سندس پارٽي جا فنڊ ضبط ڪيا وڃن ۽ ٻئي طرف وفاقي سرڪار کي فيصلي کان آگاھه ڪيو ويو آهي، هو هڪ قانوني ريفرنس سپريم ڪورٽ کي موڪليندي جنهن کان پوءِ هڪ لارجر بينچ يا فل ڪورٽ انهيءَ جي ٻڌڻي ڪندي فيصلو ڇا ٿو اچي انهيءَ تي راءِ ڏيڻ  وقت کان اڳ  ٿيندو پر ملڪ جي هڪ وڏي اداري يعني اليڪشن ڪميشن هڪ ڊگھي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جيڪا رپورٽ مضبوط ثبوتن بينڪ اڪائونٽن جن ۾ اسٽيٽ بينڪ به شامل آهي کان پوءِ ڏني آهي ته انهيءَ جي اهميت ۽ فيڪٽ فگر کان انڪار ڪرڻ تمام مشڪل ٿيندو.

توڙي جو پي ٽي آئي پنهنجي  عادت مطابق “مين نا مانو” جي رٽ لڳائيندي وڏي فڪر سان چون ٿا ته ڪجھه به ناهي. فارم ون جي جمع ڪرائڻ جي حوالي سان فواد چوڌري چئي ٿو ته “ عمران خان بي خبري ۾ پنهنجي اڪائونٽنٽ جي چوڻ تي اهو حلف نامو جمع ڪيو آهي جنهن ۾ هن جو ڪوئي قصور ناهي” جڏهن ته اڪبر ايس بابر ثبوتن سان ۽ اي ميل جي ريڪارڊ مطابق چئي ٿو ته 2011ع کان هن اهي شڪايتون ۽ اي ميل عمران خان کي ڪيون هيون، جنهن ۾ عمران خان کيس چيو ته “ گھڻي ايماندار ٿيڻ جي ضرورت ناهي معاملي کي هلڻ ڏي .”  عمران خان جيڪو فنڊ وٺڻ ۽ خرچ ڪرڻ جي حوالي سان ان حد تائين مشهور آهي ته هو تمام گھڻي نظر رکندو آهي اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي حلقي ۾ پيسن جي حوالي سان ڪافي تنقيد ۽ متنازع رهندو آيو آهي. هو رڳو چندي جمع ڪرڻ جو ماهر ناهي پر هو انهيءَ تي نگاھه به رکندو آهي پر هن کي اها خبر آهي ته چندو گڏ ڪندڙ ٽيم کي جيڪڏهن محروم رکبو ته پوءِ معاملو اڳتي نه وڌي سگھندو. يورپ آمريڪا ۽ مڊل ايسٽ جي اندر هن جا چندا ٽائيگر تمام گھڻو سرگرم آهن ڇو ته سستو ڌنڌو دنيا ۾ وڏي کان وڏو چندي جي صورت ۾ ٿئي ٿو ۽ پوري دنيا جي اندر چندن جي اندر ٽرانسپيرنسي گھٽ ۽ کانچي بازي گھڻي هوندي آهي.

خير جيڪو به ٿئي پيو پاڻ  کي هاڻي سياسي پارٽين جي فنڊن جي اندروني دنيا ۾ جڏهن جھاتي پائڻ جو  موقعو مليو آهي ته اها به اميد رکون ٿا ته اسان ان جھيڙي جو فائدو تڏهن حاصل ڪنداسين جڏهن اليڪشن ڪميشن تمام پارٽين جي فنڊن جي اندورني ڪهاڻي عوام جي اڳيان آڻيندي ۽ گڏوگڏ هي به ته اهي اربن کربن جا فنڊ پارٽين ۾ ڪيئن خرچ ٿا ٿين، ڪنهن کي ڪيترو نوازيو ٿو وڃي ۽ پارٽي فنڊن جي نالي تي ڪهڙا ڌنڌا پيا ٿين. يقينن فائيلن جي اندر ثبوت نالي ماتر ملندا پر حقيقت اها آهي ته بينڪ ٽرانزيشن کان پوءِ تمام سياسي پارٽين وٽ اهڙا اي ٽي ايم مشين وارا ڪردار آهن جيڪي هر وقت بيگون ڀري بنگلن تي پهچن ٿا ۽ سياسي پارٽين جا فيصلا پنهنجي حق ۾ ڪرائڻ جي نه رڳو طاقت ٿا رکن پر سياسي طاقت سان گڏوگڏ حڪومتي طاقت جي بنيادن تي تمام گھڻيون مراعتون ۽ فائدا حاصل ڪندا آهن. ڇا انهن حقيقتن ۽ بدترين ڪرپشن جون ڪهاڻيون عوام جي اڳيان اينديون؟ پاڻ سمجھون ٿا ته انهن جو جيترو به اظهار ٿيندو اهي الزام در الزام جي گوڙ ۾ گم ٿي وينديون پر حقيقت هاڻي وڌيڪ چٽي ٿي ٿيندي وڃي ته هن وقت

پي ٽي آئي جي فنڊنگ ڪيس جو معاملو پي ٽي آئي جي مستقبل يا عمران خان جي سياسي مستقبل کان وڌيڪ خود اعليٰ عدالت لاءِ هڪ وڏو تاريخي امتحان آهي. ڇو ته پانامه ڪيس جي الزام ۾ نااهل ٿيندڙ نواز شريف تي صادق ۽ امين جي الزامن تي ته هڪڙو ڪک جيترو داغ هو ته هن پنهنجي پٽ جي ڪمپني مان پگھار جو ذڪر نامينيشن پيپر ۾ نه ڪيو هو جڏهن ته هن اها پگھار ورتي به نه هئي، پر ذڪر نه ڪرڻ جي ڪري هو صادق ۽ امين نه رهيو. هاڻي هيڏي وڏي فارم ون جمع ڪرائڻ  کان پوءِ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو اهو اسان سڀني کي عدالتن ۽ تاريخ جو منظر ڏسڻ ۾ ايندو. پر لڳي اهو ٿو ته شايد هاڻي هڪ نئون اين آر او ڊيل ٿيڻ شروع ٿئي ۽ پسِ پردا ڳالهيون ان رخ کان اڳتي وڌن ته“ چلو جيڪو ٿيو هاڻي مٽي پائو ” جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته پوءِ الزامن جي سياست گھڻا پردا چاڪ ڪندي،  گھڻو ڪجھه ڏسڻ ۾ ايندو جنهن جو امڪان تمام گھڻو ڌنڌلو ۽ گھٽ آهي.پر هي هڪ حقيقت وڌيڪ طاقتور طور اڳيان اچي وئي آهي ته هاڻي پي ٽي آئي جي مستقبل جي سياست اها نظر نه ايندي جيڪا مستي ۽ من موجي سان پهريان نظر آئي آهي.